مَڇَ جي سنڌي معنيٰ
وڏو واڳون، مانگرمڇ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
An alligator. A whale.
مَڇَ جا بيتن ۾ حوالا
ساوَڻَ مَڇَ نَہ موٽِيين، بَڊي ڪِيَئِي اُڪِيرَ،
گَهٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ،
تَڏِھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين رَڇَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 23 ]
گَهٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ،
تَڏِھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين رَڇَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 23 ]
جِيئَن تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، ڀَلو ڀَلو مَڇَ،
جا تو ڏِٺي اَڇَ، تَنھِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينھَڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 24 ]
جا تو ڏِٺي اَڇَ، تَنھِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينھَڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 24 ]
جوڙي جُنگَ جِھازَکي، ڀورا تُون بَناءِ،
اَٺيتالِيھَہ عِشقَ جُون، واڳُون وِيرَ وَٽاءِ،
پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَہ اولا، سَتِرَھَن سِڙَه سِباءِ،
سَمُنڊَ ۾ سَيِّدُ چئَي، اَپَرِ آھِ اُونداھہ،
جِتِ مانگَر مَڇَ مِڙِيا، اُتِ گوشي جَهلِ غُراب کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 2 ]

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري اِلاھِي تُھارَ،
ڄَنگهَہ ڄَرڪي واتَ ۾، سِسِي کي سيسارَ،
چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِھِيَسِ وارَ،
لَکين چُھِٽِيَسِ لُوھَڻِيُون، ٿيلِهيُون ٿَنِئون ڌارَ،
مِڙِئا مَڇَ ھَزارَ، ڀاڱا ٿِيندِي سُهڻِي،
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 18 ]

گها اُھي گهاتُو ڳَيا، گهوري نَہ ڄاڻَنِ،
جَنھِن پَرِ مَڇَ مَرَنِ، سا پَرِ ھِي نَہ سِکِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 18 ]
جَنھِن پَرِ مَڇَ مَرَنِ، سا پَرِ ھِي نَہ سِکِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 18 ]
جِيئَن جُهڳا پائِيين جهولَ ۾، اِيئَن نَہ مَرَنِ مَڇَ،
سَڌَرَ لَهر سَمُنڊَ جِي، ڪي رائُو رَڱِجِ رَڇَ،
ھِي ڇارُون ۽ ڇَڇَ، اَڃا اوڙاھُ اَڳاھُون ٿِئو.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 19 ]
سَڌَرَ لَهر سَمُنڊَ جِي، ڪي رائُو رَڱِجِ رَڇَ،
ھِي ڇارُون ۽ ڇَڇَ، اَڃا اوڙاھُ اَڳاھُون ٿِئو.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 19 ]
جان واھُڙَ ۾ وَھُ، تان تُون مَڇَ نَہ موٽِئو،
ڪائي ۾ ڪوھُ ڪَرِيين، پوءِ موٽَڻَ جو پَھُ،
سِرَ مَٿي تُون سَھُ، مَهميزُون مَلاحَنِ جُون.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 20 ]
ڪائي ۾ ڪوھُ ڪَرِيين، پوءِ موٽَڻَ جو پَھُ،
سِرَ مَٿي تُون سَھُ، مَهميزُون مَلاحَنِ جُون.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 20 ]
تانۡ تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، جانۡ جَرُ ھُئَڙو جالَ،
پُونِئِي اَڄُ ڪِ ڪالَهہ، سانڀُويُون سانگُنِ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 21 ]
پُونِئِي اَڄُ ڪِ ڪالَهہ، سانڀُويُون سانگُنِ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 21 ]
تان تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، جان جَرُ ھُئَڙو سِيرَ،
آڏا مَنڊي ڪِيرَ، گَهٽَ پِہ جَهِليَئِي گهاتُئين.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 22 ]
آڏا مَنڊي ڪِيرَ، گَهٽَ پِہ جَهِليَئِي گهاتُئين.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 22 ]
ٿُلُهو ٿو ٿُونا ھَڻين، مَتو آھِين مَڇَ،
بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 25 ]
بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 25 ]
English Meaning
An alligator. A whale.