مَڇَ جي سنڌي معنيٰ
وڏو واڳون، مانگرمڇ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
An alligator. A whale.
مَڇَ جا بيتن ۾ حوالا
ساوَڻَ مَڇَ نَہ موٽِيين، بَڊي ڪِيَئِي اُڪِيرَ،
گَهٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ،
تَڏِھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين رَڇَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 23 ]
گَهٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ،
تَڏِھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين رَڇَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 23 ]
جِيئَن تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، ڀَلو ڀَلو مَڇَ،
جا تو ڏِٺي اَڇَ، تَنھِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينھَڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 24 ]
جا تو ڏِٺي اَڇَ، تَنھِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينھَڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 24 ]
جوڙي جُنگَ جِھازَکي، ڀورا تُون بَناءِ،
اَٺيتالِيھَہ عِشقَ جُون، واڳُون وِيرَ وَٽاءِ،
پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَہ اولا، سَتِرَھَن سِڙَه سِباءِ،
سَمُنڊَ ۾ سَيِّدُ چئَي، اَپَرِ آھِ اُونداھہ،
جِتِ مانگَر مَڇَ مِڙِيا، اُتِ گوشي جَهلِ غُراب کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 2 ]

تانۡ تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، جانۡ جَرُ ھُئَڙو جالَ،
پُونِئِي اَڄُ ڪِ ڪالَهہ، سانڀُويُون سانگُنِ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 21 ]
پُونِئِي اَڄُ ڪِ ڪالَهہ، سانڀُويُون سانگُنِ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 21 ]
ٿُلُهو ٿو ٿُونا ھَڻين، مَتو آھِين مَڇَ،
بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 25 ]
بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 25 ]
جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آئِيا.
ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ.
ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.
ڪُنَ ڪَڙڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِئان اَڇَ.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چي، سَڀَ لَگِهيندا ڇَڇَ.
[ سُر گهاتو، وايون، 2 ]
ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ.
ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.
ڪُنَ ڪَڙڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِئان اَڇَ.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چي، سَڀَ لَگِهيندا ڇَڇَ.
[ سُر گهاتو، وايون، 2 ]
جِيئَن جُهڳا پائِيين جهولَ ۾، اِيئَن نَہ مَرَنِ مَڇَ،
سَڌَرَ لَهر سَمُنڊَ جِي، ڪي رائُو رَڱِجِ رَڇَ،
ھِي ڇارُون ۽ ڇَڇَ، اَڃا اوڙاھُ اَڳاھُون ٿِئو.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 19 ]
سَڌَرَ لَهر سَمُنڊَ جِي، ڪي رائُو رَڱِجِ رَڇَ،
ھِي ڇارُون ۽ ڇَڇَ، اَڃا اوڙاھُ اَڳاھُون ٿِئو.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 19 ]
گها اُھي گهاتُو ڳَيا، گهوري نَہ ڄاڻَنِ،
جَنھِن پَرِ مَڇَ مَرَنِ، سا پَرِ ھِي نَہ سِکِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 18 ]
جَنھِن پَرِ مَڇَ مَرَنِ، سا پَرِ ھِي نَہ سِکِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 18 ]
جان واھُڙَ ۾ وَھُ، تان تُون مَڇَ نَہ موٽِئو،
ڪائي ۾ ڪوھُ ڪَرِيين، پوءِ موٽَڻَ جو پَھُ،
سِرَ مَٿي تُون سَھُ، مَهميزُون مَلاحَنِ جُون.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 20 ]
ڪائي ۾ ڪوھُ ڪَرِيين، پوءِ موٽَڻَ جو پَھُ،
سِرَ مَٿي تُون سَھُ، مَهميزُون مَلاحَنِ جُون.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 20 ]
تان تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، جان جَرُ ھُئَڙو سِيرَ،
آڏا مَنڊي ڪِيرَ، گَهٽَ پِہ جَهِليَئِي گهاتُئين.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 22 ]
آڏا مَنڊي ڪِيرَ، گَهٽَ پِہ جَهِليَئِي گهاتُئين.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 22 ]
English Meaning
An alligator. A whale.