مَڇِي جي سنڌي معنيٰ
مہ، پاڻيءَ جو هڪ مشھور ساهوارو، پِسِي، ماهِي، مِين، حوتُ، جل تُوري، مَڇلِي، مَڇڙي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A fish.
مَڇِي جا بيتن ۾ حوالا
دائِمُ جَا دَرياھَ ۾، سا مَڇِي ڪِنِي ڪوھُ،
آھيسِ اِيءُ اَندوھُ، پاڻِي ڪِٿي تَہ پِيان.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 3 ]
آھيسِ اِيءُ اَندوھُ، پاڻِي ڪِٿي تَہ پِيان.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 3 ]
ڪيھَرِ قَصَدُ ڪَبابَ سين، مَڇِي مُورِ نَہ کاءِ،
جَي سِينھان سَؤُ لَنگهَڻين، توءِ نَہ لِکَ لَکاءِ،
پيرُ تِتَھِين پاءِ، جِتِ ناھِ مَجالَ مِرُونءَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 19 ]
جَي سِينھان سَؤُ لَنگهَڻين، توءِ نَہ لِکَ لَکاءِ،
پيرُ تِتَھِين پاءِ، جِتِ ناھِ مَجالَ مِرُونءَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 19 ]
ڪِينجُهرَ ٻِنهِي ڪَنڌِيين، ٿِي گَندَرِي گُذاري،
سُونگِي سَمي جا، اِيندَسِ اوتاري،
جي مي مَڇِي نَہ ماري، تَہ پُڻ اُڀو ڏڪي ڏَنَ ڀَئي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 28 ]
سُونگِي سَمي جا، اِيندَسِ اوتاري،
جي مي مَڇِي نَہ ماري، تَہ پُڻ اُڀو ڏڪي ڏَنَ ڀَئي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 28 ]
پَنَ پَٻَڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، بِھَ ڏوڏا ڏاجونِ،
نِعمَتَ لوڙَهَ لَطِيفُ چئَي، کيڻُ مَڇِي کاڄونِ،
رَھَنِ ٻَھَنِ سِرِ ٻانڌِينِ، دُورِ دَران ديرونِ،
پارِسَ سين پاسونِ، لَڳا تي لالُ ٿِئا.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 30 ]
نِعمَتَ لوڙَهَ لَطِيفُ چئَي، کيڻُ مَڇِي کاڄونِ،
رَھَنِ ٻَھَنِ سِرِ ٻانڌِينِ، دُورِ دَران ديرونِ،
پارِسَ سين پاسونِ، لَڳا تي لالُ ٿِئا.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 30 ]
ماڻِڪَ چُوڻُو جَنِ جو، ھَنجَ حُضُورِي سي،
چِلُڙَ ۾ چُهِنجَ ھَڻِي، مَڇِي کِينِ نَہ اِي،
لوڪَ نَہ لَکِئا تي، جيلانھَن ڀُڻَنِ ٻَگهَنِ گَڏِئا.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 6 ]
چِلُڙَ ۾ چُهِنجَ ھَڻِي، مَڇِي کِينِ نَہ اِي،
لوڪَ نَہ لَکِئا تي، جيلانھَن ڀُڻَنِ ٻَگهَنِ گَڏِئا.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 6 ]
English Meaning
A fish.