موتِي جي سنڌي معنيٰ
سامونڊي سپ مان نڪتل قيمتي داڻو، ٻيڙو، مرواريد، لُؤلؤ، گوهر، دُر. مڻيو، هيرو، جواهر، رتَنُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A pearl.
موتِي جا بيتن ۾ حوالا
ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِي مَنجِهين مالَ
قَطِيفِيءَ جِي ڪَرَھا، ھَيدِي پائِيَئِين حالَ،
چَندَنُ چارِيَئِين جالَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 10 ]

ٻانَهپَ جو ٻيڙِيُنِ ۾، وَکَرُ وِڌائُون،
موتِي مَعرِفَتَ جا، سَچا سودِيائون،
اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ ڪَمَنْ لَّاذَنْبَ لَهٗ ، اِي کَٽَ کَٽِيائون،
اُنِهين جِيءَ آئُون، بَرِڪَتَ بارُ لَنگهائِيانۡ.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 4 ]

سيوا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ جَرُ وَھي ٿو جالَ،
سَئِين وَھَنِ سِيرَ ۾، ماڻِڪَ موتِي لالَ،
جَي ماسو جُڙيئِي مالَ، تَہ پُوڄارا پُرِ ٿِئين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 5 ]

ڪَرِ سَمُنڊَ سيواھاڻِ، ماڻِڪَ موتِي تي لَھين،
مَٿي چِلُڙَ چورِيين، وِھِيِن جِمَ وَڏاڻُ،
ڏيئِي ڏيڏَرِيُون ڏاڻُ ڪَڏِھِين سُڪِي ويندُءِ سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 9 ]

وِتُ ويِمي جو جَي لَھين، تَہ ٻِي ڪارِ نَہ ڪَرِين ڪا،
اِھا پَرُوڙِجِ ڳالِهڙِي، وَڻِجارَنِ وَٽان،
موتِي جَنِ ھَٿان، آندَءِ گهَڻي اَدَبَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 8 ]

ڪائو ڪَمايومِ، موتِي مُون نَہ وَڻِجِئا،
سِيھي جو سَيِّدُ چئَي وَکَرُ وِھايومِ،
ھِھَڙو حالُ سَندومِ، توھِ تُنھِنجي اُبھان.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 3 ]

کاري کيڙائُو مِٺي مُورِ نَہ موٽِئا،
سودو ڪَنِ نَہ سونَ جو، وَڏا وِھائُو،
موتِي جي مَھِراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو،
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لُوٽي آيا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 26 ]
سودو ڪَنِ نَہ سونَ جو، وَڏا وِھائُو،
موتِي جي مَھِراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو،
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لُوٽي آيا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 26 ]
اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ،
مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ،
جٖي تو اوڏا ڀانيا، ڏُونگَرَ ڏُورِ ڏِسَنِ،
آڻي ٻَڌا اوٺِيين، موتِي کي مَيَن،
آڻي لاٿِيُون اوٺِيين، لَڏوُن ڀَر لَڪَنِ،
وِندُرِ وائِي جا وَھي، مُون کي سا نَہ سَلَنِ،
سُونھَنِ سَنگهَر پَٽِيين، مَنَھَن مَعذُورِيَنِ،
مَرَڻَ مُنھِنجي کي ڪِئو، ھِيءُ پَھُ ٻاروچَنِ.
[ سُر آبڙي، وايون، 9 ]

مِيان مَينڌَرا تو جيھا ھُئا، مُون سين پُرسَنِ پَنجَ ھَزارَ،
ھِڪِيُون کاڻِيُون خَزانَنِ جُون، ٻِئا موتِي مَڻِيارَ،
قِصو ڪَھَندا وَڃَنِ ڪاڪِ جو، ٻِي پُرِسَنِ ناھِ پَچارَ،
سَڀَ مارايو يارَ، موٽِئو وَڃان مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 5 ]

ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا،
ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين،
ماڻِڪَ موتِي مالَ خَزانا، ڏِيندُءِ ٻيلِي سائِين،
وِرِچِي تُون وِھاڳَ کان، مَتان ڏيِين پانھِين،
دَرِ داتا مَڱُ مَڱَتا، اَنڌا ھوئِجِ ايڏھِين،
مُذَڪِرَ مَتان ڇَڏِيين، ھَٿان ھيڪِڙائِي،
اَچِجِ اُلُوھيَتَ ڏي، ڇَڏِ ٻارِٽَ ٻِيائِي،
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، کَڻُ سَمُو سَوائِي،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، وَحدَتَ واڳَ وِڌائِين،
پَنھِنجي طَرَفِ پاڻِهين، سائِلَ سَڏِئائِين،
جِتي جُوانَنِ کي، ڪوٺي ڪُٺائين،
اُتي عُشاقَنِ کي، اُلُفَتَ اُھُڃُ ڏِنائِين،
تَنبُو کَڻُ مَ تيڏانھِين، جيفو آھِ جيڏانھِين،
ڪِيرَتِ ڪَرِ قُرِبَ سين، خُلَتَ کاڄُ ڏِنائِين،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، اِنَ پَرِ اُتائِين،
ڳُجُهہ ڳُجهاندَرَ ڳالِهيُون، رازُ نَہ رَکِئائِين،
پَسو پينارَن جي پَٽَ ۾، پَنھِنجو پاڻُ وِڌائين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 1 ]