ماڻِڪَ جي سنڌي معنيٰ
موتي، مڻيو، گوهر. جواهر جو هڪ قسم، رتن، لال، لعل، ياقوت. هيرو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a gem, ruby.
ماڻِڪَ جا بيتن ۾ حوالا
اُٿِي اورِ اللهَ سين، ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان صاحِبَ وَڻي سَچُ،
مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ ٻارِجِ مَچُ،
اِنَ پَرَ اُٿِي اَچُ، تَہ سودو ٿِئي سَفِرو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 8 ]
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان صاحِبَ وَڻي سَچُ،
مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ ٻارِجِ مَچُ،
اِنَ پَرَ اُٿِي اَچُ، تَہ سودو ٿِئي سَفِرو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 8 ]
سَمُنڊَ جٖي سيوِينِ، ماڻِڪَ تَنِي ميڙِئا،
چِلُڙَ جي چُوسِينِ، تَنِ سانگوٽا ۽ سُتِيُونۡ.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 8 ]
چِلُڙَ جي چُوسِينِ، تَنِ سانگوٽا ۽ سُتِيُونۡ.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 8 ]
ڪَرِ سَمُنڊَ سيواھاڻِ، ماڻِڪَ موتِي تي لَھين،
مَٿي چِلُڙَ چورِيين، وِھِيِن جِمَ وَڏاڻُ،
ڏيئِي ڏيڏَرِيُون ڏاڻُ ڪَڏِھِين سُڪِي ويندُءِ سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 9 ]
مَٿي چِلُڙَ چورِيين، وِھِيِن جِمَ وَڏاڻُ،
ڏيئِي ڏيڏَرِيُون ڏاڻُ ڪَڏِھِين سُڪِي ويندُءِ سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 9 ]
اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، سَمُنڊُ سوجِهَيائون،
پيھِي مَنجِهہ پاتارَ ۾، ماڻِڪَ ميڙِيائُون،
آڻي ڏِنائُون، ھِيرو لالُ ھَٿَنِ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 13 ]
پيھِي مَنجِهہ پاتارَ ۾، ماڻِڪَ ميڙِيائُون،
آڻي ڏِنائُون، ھِيرو لالُ ھَٿَنِ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 13 ]
جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو،
سَنؤُن تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباھِيو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 29 ]
سَنؤُن تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباھِيو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 29 ]
وَڃَنِ مَ وِينجهارَ، پاڻِيَٺُ جٖي پَرِکِڻا،
ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ،
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 18 ]
ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ،
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 18 ]
آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين،
سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان،
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ ھِنيان،
اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏيھاڻِئُون ڏِيان،
مَٿان ماڻِڪَ ھيڪَڙي، اَمُلَ اَٺَ ڏِيان،
ساھَڙَ مَٿان صَدِقو، ڏَھَ ڏَمَ ڏِيان،
اَچين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي تَہ، جانِبَ نِتُ جِيئان.
[ سُر سھڻي، وايون، 15 ]

سِرَ جِي ھُئائِين ھَلِئو، چارَڻُ چِتائي،
سو مُوڙا جَهلي نَہ مالَ جا، ٿو ماڻِڪَ موٽائي،
تو دَرِ آيُسِ تي، جِيئَنِ تُون ناھِ نَہ سِکِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 25 ]
سو مُوڙا جَهلي نَہ مالَ جا، ٿو ماڻِڪَ موٽائي،
تو دَرِ آيُسِ تي، جِيئَنِ تُون ناھِ نَہ سِکِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 25 ]
سارِي راتِ صاحِبَ کي، ڳَڙَھ ڀَرِ ڳايائِين،
اُٺَس ماڻِڪَ مِينھَن جِيئَن، ھَٿِ نَہ ڇُتائِين،
تي لائِقُ لَڌائِين، جي ھو ميراثِي مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 8 ]
اُٺَس ماڻِڪَ مِينھَن جِيئَن، ھَٿِ نَہ ڇُتائِين،
تي لائِقُ لَڌائِين، جي ھو ميراثِي مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 8 ]
ڪُڇَنِ ڪِينَ مُھان، اوتُون ڏِينِ اَکِيُنِ سين،
اُنِهِيءَ واٽَ وِئا، پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 14 ]
اُنِهِيءَ واٽَ وِئا، پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 14 ]
English Meaning
Name of a gem, ruby.
ماڻِڪَ ٻول جا زمرا