ماٺِ جي سنڌي معنيٰ
چُپ، سانت، سُئات، سناٽو، صبر، نوائي، سُن، خاموشي، سُناٽَ، گُپ، گونگ ٻوڙ، چپچپات، آرام، ٺاپر، ٺام، سامت، قرار، ٿانھر، ساھي، سانتيڪائي، فرصت، آھستگي، ڌيرج، سوڌائي
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
In silence, silent. interior Silence! Hush. s. f. Silence, quiet.
ماٺِ جا بيتن ۾ حوالا
وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين اورِينِ،
ھِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِين،
مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن،
سُکَ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، ويھِي نَہ ووڙِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪورِينِ، عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 9 ]

جِنِ کي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙَهنِ،
فِڪرَ فَرَھِي ھَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ،
پَنو سو پَڙَهنِ، جَنھِن مان پَسَنِ پِرِينءَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 2 ]

صَبُرُ گهَڻو سَفِرو، ٻِي جُڳائي ماٺِ،
پِئو لَتاڙجِ لَطِيفُ چئَي، چُرِجِ مَ اَڳِيان چاٺِ،
ڏُڄَڻَ پُونِ ڪاٺِ، سَڄَڻَ ٿِيَنِ سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 27 ]

آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون،
جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا،
ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُرُ جَنھِن سُھاءِ،
ڪانِهي حَدَ حَمدَ جِي، تَہ ڪَرِيان لالَنَ لاءِ،
ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتِريُون، وَڏِيُون وَڏاياءِ،
سو مُونھان مُورِ نَہ سَپَجي، جيڪِي تو جُڳاَءِ،
تو سَڃِيُون تو سَندِيُون، سِڪَنِ تَوِھِين ساءِ،
اُڃَ تُنھِنجِيءَ اُڃِيُون، لُڇَنِ توئِي لاءِ،
دِلِ دانھُنِ ري نَہ رَھي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 18 ]

ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري، اُٿي وِجُهہ وَڙولَ،
سُتِيُنِ تان سَيِّدُ چئَي، ھَمَ غَمَ اَچَنِ ھولَ،
ٻَھُون پاري ٻولَ، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪيچَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 23 ]

ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري، کَڻُ پِرِينءَ پيرُ،
سُورَ تو سان سَسُئِي، واري ويٺا ويرُ،
ڪَرَ لَھَندو ڪيرُ، ھيڪَلِيءَ جِي حَبَ ۾.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 24 ]

ڄاڻِي سُڃاڻِي، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري،
اَندَرِ آڳِ عِشقَ جِي، اَپَرِ اُڌاڻِي،
اَلْعِشْقُ نَارٌ يُحْرَقُ مَا سِوَا الْمَحْبُوْبِ ، کُوري ۾ کاڻِي،
آھي آرِياڻِي، ٻِئو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 18 ]

ماٺِ ڪِئو مارِينسِ، ڪُڇُ ڪُتي سين ڪِينَڪِي،
پائي ڳَٽُ ڳِچيءَ ۾، دَرِ دوسِتَنِ گَهارِينس،
سا پَرِ سيکارِينسِ، جِيئَن بَھَڻَ کان بَسِ ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 11 ]

ڇَپَرُ ڏيئِي ٻَنِ، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري،
جِتِ ڪوھِيَرا ڪافَ جا، ٻَھَ ٻَھَ ٻاڦُون ڪَنِ،
موٽُ مَرَندِيئَن سَسُئِي، تُون نَہ پُڄَندِينءَ تَنِ،
ھِيءُ سَڱُ ٻاروچَنِ، مَرَڻَ مُنھِنجي لاءِ ڪِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 22 ]

ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي،
ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري،
وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، سارِيان ڪو نَہ صَحِي،
اَڳِئان آرِيءَ ڄامَ جو، سُڄي ساٿُ صَحِي،
صُبحِ ڏُونگَرَ ڏورِئان، ڪَنھِن پَرِ راتِ رَھِي.
[ سُر ديسي، وايون، 2 ]