مامَ جي سنڌي معنيٰ
ڳجهو گُڻُ، خاصيت، وصف . اندر جي ڳالهہ، ڳجهِي ڳالهہ، رَمزَ، ڳُجهُہ، رازُ، ڀيد، صلاح. نشانِي، علامت، لَڇَڻُ، پارُ، آريکَڻُ، پَتو، اُهڃاڻُ، ڏَسُ، چِنَهہ. اِشارو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Secret, enigma, puzzle, paradox, sign, symbol, hint.
مامَ جا بيتن ۾ حوالا
سَچو پَسِي مُون سَڃِين، ڪَرَھا توکي ڪامَ،
مانَ پَرُوڙي مامَ، ساڱاھي سَنئيِنءَ وَھين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 51 ]
مانَ پَرُوڙي مامَ، ساڱاھي سَنئيِنءَ وَھين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 51 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ڪارِي ٿِي قِيامَ،
ھَٿَنِ حاجُون ڇَڏِيُون، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
مارِيسِ تَنھِين مامَ، ھوتَ ھَلَندي جا چَئِي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 10 ]
ھَٿَنِ حاجُون ڇَڏِيُون، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
مارِيسِ تَنھِين مامَ، ھوتَ ھَلَندي جا چَئِي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 10 ]
وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، آرِيچا اَظِلامَ،
آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ،
پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ،
سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساھي وَرِيامَ،
ڪاڪِيُون راتِ قِيامَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 1 ]
آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ،
پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ،
سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساھي وَرِيامَ،
ڪاڪِيُون راتِ قِيامَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 1 ]
مَرُ تَہ آئين مَڱڻا، مامَ پَرُوڙِي مُون،
جيڪا ڳاھَ ڳالَهائِيين، سا سَمجِهيسُون،
تَنھِن تي تُسجِ تُون، جيڪِي پَئي پَٽَ ۾.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 3 ]
جيڪا ڳاھَ ڳالَهائِيين، سا سَمجِهيسُون،
تَنھِن تي تُسجِ تُون، جيڪِي پَئي پَٽَ ۾.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 3 ]
تُنبيرو نَہ تُون، ذاتِ جو راڻو آھيين،
ڪالَهُون ڪَرَ ڪَھِيو وَڃين، ڳَڙَه پاسي ڳاھُون،
اِيءَ مامَ پَرُوڙِي مُون، تَہ مارِي آھِين مَڱڻا.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 1 ]
ڪالَهُون ڪَرَ ڪَھِيو وَڃين، ڳَڙَه پاسي ڳاھُون،
اِيءَ مامَ پَرُوڙِي مُون، تَہ مارِي آھِين مَڱڻا.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 1 ]
راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ڪارِي ٿِي قِيامَ،
ڍاٽِيءَ ڍَٽُ چِتايو، ڪَرَھي ھَڻِي ڪامَ،
مارِيَسِ تَنھِن مامَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري وِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 26 ]
ڍاٽِيءَ ڍَٽُ چِتايو، ڪَرَھي ھَڻِي ڪامَ،
مارِيَسِ تَنھِن مامَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري وِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 26 ]
مُورَکَ مامَ نَہ ٻُجِهڻا، آڪا جيھا اَڪَ،
پَڪا جي نَہ سُپَڪَ، مَ ڪَرِ ميڙو تَنِ سين.
[ سُر آسا، مجازي مام، 16 ]
پَڪا جي نَہ سُپَڪَ، مَ ڪَرِ ميڙو تَنِ سين.
[ سُر آسا، مجازي مام، 16 ]
حوصِلو حَيرَتَ جو، آھِ نَہ مَٿي عامَ،
سَندِي مَحَبتَ مامَ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 12 ]
سَندِي مَحَبتَ مامَ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 12 ]
عُمَرَ اَڇائِي تو کي، توڙائِين لِکِي،
جِيئَن تو سامائِي، مامَ نَہ ڀَڳِي مارُوئين.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 12 ]
جِيئَن تو سامائِي، مامَ نَہ ڀَڳِي مارُوئين.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 12 ]
حَمِيرَ جي ھاڃي جِي، مُون نَہ پَرُوڙِي مامَ،
عُمَرُ آيو اوچتو، ڪاهي کَڻِي ڪامَ،
ڇَڏيَمِ حِيلا هِنَ ھَنڌَ جا، هِينئَڙي ڀَڳي هامَ،
سَرَتِيُنِ جا سَلامَ، مِيان مَلِيران آيا.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 6 ]