قَصَرُ جي سنڌي معنيٰ
ماڙي، محلات، عاليشان عمارت، محل ، محلسراءِ، حويلي. بارگاھ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Castle, palace
قَصَرُ جا بيتن ۾ حوالا
ايڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪوڙيِين سَھسَ کڙَڪِيُون،
جاڏي ڪَرِيان پَرَکَ، تاڏي صاحِبُ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 23 ]
جاڏي ڪَرِيان پَرَکَ، تاڏي صاحِبُ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 23 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اَندَرِ رُومِي راءُ،
ماڻُهو اِتِ ڪِئا، مَنڊُ نَہ پَسِين مَنڊِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 10 ]
ماڻُهو اِتِ ڪِئا، مَنڊُ نَہ پَسِين مَنڊِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 10 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رُوءِ،
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 11 ]
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 11 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جي راحَتَ،
جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 12 ]
جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 12 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رومِيءَ جِي رِھاڻِ،
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 13 ]
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 13 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رُومِي جو آھي،
تاڙيِ جَي لاھي، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 14 ]
تاڙيِ جَي لاھي، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 14 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ،
جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 15 ]
جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 15 ]
English Meaning
Castle, palace