سيرَ جي سنڌي معنيٰ
رستا، گس، پيچرا، جبلن وچان ابتا سبتا لڪ لانگهہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ways, paths, zigzag ways between hills.
سيرَ جا بيتن ۾ حوالا
سَڄِي ڇوڙَڻُ سُٿِرِي، ڇوڙيِين جَي اَڌُ ڳَنڍِ،
تَہ ڪَڙو لاھِيين ڪَنڊِ، سُپيرِيان جي سيرَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 32 ]

اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ
چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ،
پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن اُلَھِي ڪَئِي اَويرَ،
ڇَھُون ويرِي چَنڊُ ٿِئو، جَو کِڙِئو نَہ وَڏِيءَ ويرَ،
سَتُون ويرِي ڇَپَرُ ٿِئو، جَنھِن سَنوان ڪِئا نَہ سيرَ،
واھيري جِي ويرَ، ٿِي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 7 ]

اَسُکُ جَنِ اَويرَ، سي سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي آڌِيءَ ڏِينِ اُليرَ،
اُٿِئو لوڪُ پَسي پَٽِ پِئا، سامِي مَٿي سيرَ،
ڪيڏانھَن ڪَندا پيرَ، مِڙيوئِي مَٿو ٿِئو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 5 ]

پِرِيَنِ پاتا پيرَ، آئُون ڪيرَ ڪَمِيڻِي آھِيان،
مُون گهَرِ آيا مُون پِرِين، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ،
پِرِين آيائِي ھيرَ، اَسِين جِياسُون جيڏِيُون.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 15 ]

گُوندَرَ ھَٿَ نَہ پيرَ، وِرھُ مَنجِهين وِھَڻو،
ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ،
مُون جِيئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪَلِي ريءَ سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 3 ]

اوٺِي ڳوٺِي آڻِيين، ڪو ھُتي جو ھِتِ ھيرَ،
تَہ ڪِنا ڪوٽَنِ جا، ٿِيَنِ سُرَھا سيرَ،
آءُ تَہ اَکِيين اُگَهان، جَي پائُرِ ڏِنَئِي پيرَ،
لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، لاءِ مَ تُون اَويرَ،
ڪوٺِيين گهاري ڪيرَ، مَحلين مُجهي مُون ھِنيُون.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 9 ]

بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، وُٺو جيسَلمِيرَ،
آگَمَ ڪَري آيو، پائُران ڀَري پيرَ،
لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان وانڊِنِ ويرَ،
سُرَھا ڪِيائين سيرَ، سَرَھِيُون ٿِيُون سَنگهارِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 7 ]

جِئان ڏِنائُون پيرَ، جِئان ڏِنائُون پيرَ،
مَٿي اَڱَڻَ آئِيا، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ،
جِئائِين نَبي نِڱِئو، ڀَري مُبارڪَ پيرَ،
ساري شفِيعَ ڄامَ کي، ھِينئَڙي لَڳِي ھيرَ،
ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، اَچِي عَلِيءَ شيرَ،
لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا، ٿِي واڌائِيءَ ويرَ.
[ سُر بلاول، وايون، 2 ]