سَيرُ جي سنڌي معنيٰ
شوق خاطر گهمڻ. دَورو. گشت، سَياحَتَ. چھل قدمي، هَوا خوري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Travelling, walking, roaming.
سَيرُ جا بيتن ۾ حوالا
صُوفِيءَ سَيرُ سَڀَنِ ۾، جِيئَن رڳُنِ ۾ ساھُ،
سا نَہ ڪَري ڳالِهڙِي، جِيئَن پَرِيون پَرُوڙي پَساھُ،
آھِسِ اِيءُ گُناھُ، جِيئَن ڪا ڪَري پَڌرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 3 ]

عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ سَيرُ،
اَچِي پُڇَندَءِ پاڻِھيِن، پِرِين ڀَري پيرُ،
تَنِ ڀَلَنِ سَندو ڀيرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 20 ]

اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا،
سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ،
ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ جي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ،
اُڪَنڊِئا جي اَبُرَ کي، سي سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
موڪَلَ ٿِي مِينھَن کي، دوسِتَ ھَٿان دِلِدارَ،
قادِرَ پاڻِ قَسَمُ ڪِئو، خاڪِ قَدَمَنِ جي ڪَلتارَ،
آھِين ڪَرَمَ ڪَرِيمَ جا، اَحمَدَ ساڻُ اَپارَ،
آگي آسِمانَ جو، ڪارِئو سَيرُ سَتارَ،
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ، توسين قادِرَ ڪِئا قَرارَ.
[ سُر سارنگ، وايون، 5 ]

لامَئُون سي لاھُوتَ ۾، سَدا سَيرُ ڪَرِينِ،
اُتان عِلمَ ۽ حِلمَ جا، آڻِئو پَھَ پُورِينِ،
لَڏِئو لامَڪانَ ۾، عِشِرَتَ سين اورِينِ،
وَ اللّٰهُ عَلٰى ڪُلِّ شَیْءٍ قَدِيرُ ، چَپَنِ کي چورِينِ،
سامِيَڙا سورِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 23 ]

مَنزَلَ دُورِ مَ مَٽِ، ڇَڏِ مَ سَيرُ سِڪَڻُ جو،
لَنئُن جِي واٽَ مَ لَٽِ، لَنئُن ريءَ حَيفُ ھُوئَڻَ کي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 18 ]

ڪُپيرِيءَ ۾ پيرُ، ڪَنِي پاتو پيرِيين،
جِئان مُنجَهڻُ ماڻُهين، سَڄَڻَ تِئائِين سَيرُ،
اِنَ ڀُونءِ سَندو ڀيرُ، ڪوڙيِين مَنجهان ڪو لَھي.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 5 ]