سوڍا جي سنڌي معنيٰ
مُومل جو مڙس. مينڌرو، ”راڻو سوڍو“، مومل راڻي جي ڪھاڻي جو هيرو. سوڍا قبيلي جو هڪ فرد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Husband of Moomal, Person of Sodha community, Mendhro (Proper noun), Hero of Moomal Rano Chapter
سوڍا جا بيتن ۾ حوالا
سوڍا سُورَ سُڪايُون، اَکِيُون آبُ نَہ ڪَنِ،
راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، وِڏُوڻِيُون وَتَنِ،
سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جٖي تو سوڍا سُورِيءَ چاڙِھيُون.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 8 ]
راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، وِڏُوڻِيُون وَتَنِ،
سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جٖي تو سوڍا سُورِيءَ چاڙِھيُون.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 8 ]
ويٺِي نِتُ نِھارِيان، راڻا تُنھِنجو راھُ،
موٽائي ماڳَنِ ۾، آڻِيندُءِ اللهُ،
سوڍا تو ڳَرِ ساھُ، نَہ تَہ راڻا گَهڻا راڄَ ۾.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 16 ]
موٽائي ماڳَنِ ۾، آڻِيندُءِ اللهُ،
سوڍا تو ڳَرِ ساھُ، نَہ تَہ راڻا گَهڻا راڄَ ۾.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 16 ]
راڻا رِھاڻِيُون، سوڍا ويٺِي سارِئان،
سَھِسين سِجَ اُلَٿا، راتِيُون وِھاڻِيُون،
ڪوڙيِين مُون ڪاڻِيُون، ڍولِئا ڍَڪي آءُ تُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 19 ]
سَھِسين سِجَ اُلَٿا، راتِيُون وِھاڻِيُون،
ڪوڙيِين مُون ڪاڻِيُون، ڍولِئا ڍَڪي آءُ تُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 19 ]
لوڊِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي جي ناھِ ڪو،
ھِڪُ اَکِيُون ٻِئا اَڱڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ،
سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جي تو سوڍا سُورِيءَ چاڙھِيُون.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 10 ]
ھِڪُ اَکِيُون ٻِئا اَڱڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ،
سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جي تو سوڍا سُورِيءَ چاڙھِيُون.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 10 ]
رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، ڪو سوڍا ٻِئا سُڄاڻَ،
نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ،
ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،
ٻِي رَھِيائِي ڪانَہ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 13 ]
نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ،
ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،
ٻِي رَھِيائِي ڪانَہ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 13 ]
سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، مَيو تُون موٽاءِ، مُون واجِهيندي وِھاءِ،
سَٺَمِ ساھيڙِيَنِ جا، طَعنا تَوِھِين لاءِ،
گهَرَ مَھارا گهورِيان، سُرَھو مُون نَہ سُھاءِ،
ڪاڪِئان وَڃَڻُ ڪيڏَھِين، راڻا تو نَہ رِھاءِ،
سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان، پيرَ پَرَچِي پاءِ.
[ سُر راڻو، وايون، 2 ]
سَٺَمِ ساھيڙِيَنِ جا، طَعنا تَوِھِين لاءِ،
گهَرَ مَھارا گهورِيان، سُرَھو مُون نَہ سُھاءِ،
ڪاڪِئان وَڃَڻُ ڪيڏَھِين، راڻا تو نَہ رِھاءِ،
سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان، پيرَ پَرَچِي پاءِ.
[ سُر راڻو، وايون، 2 ]
سوڍا سَمَرُ چاءِ، ڪَھَہ سُجهيئِي ڪاڪِ جي،
تُھان چَڱيرا چَلِي وِئا، راڻا اِنَهِين راھِ،
ڀَؤُ ڀَلَنِ آھِ مُومَلَ جي مَنزَلَ جو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 27 ]
تُھان چَڱيرا چَلِي وِئا، راڻا اِنَهِين راھِ،
ڀَؤُ ڀَلَنِ آھِ مُومَلَ جي مَنزَلَ جو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 27 ]
چَڙِهئا چاريئِي يارَ، سوڍا شِڪارِي،
ڪاھي وِئا ڪاڪِ تي، جِتِ مُومَلَ موچارِي،
بابُو گَڏِئُنِ بيکَ ۾، جَنھِن ڏِسِ ڏيکارِي،
فِڪرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپارِي،
موٽِئا نَہ ماري، ڪَؤُنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 28 ]
ڪاھي وِئا ڪاڪِ تي، جِتِ مُومَلَ موچارِي،
بابُو گَڏِئُنِ بيکَ ۾، جَنھِن ڏِسِ ڏيکارِي،
فِڪرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپارِي،
موٽِئا نَہ ماري، ڪَؤُنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 28 ]
ڪَڪورِي ڪاڪِ وَھي راڻا ڀانءِ مَ رَتُ،
سوڍا اِيءُ شَربَتُ، نِسوروئي نِينھَن جو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 25 ]
سوڍا اِيءُ شَربَتُ، نِسوروئي نِينھَن جو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 25 ]
سَڃِ تَہ مانَ سُورُ لَھي اَکِيُون ڀَري ٻاجَهہ،
راڻِي جِيءَ رِھاڻِ کي، ويٺِي وِجهان واجهَہ،
سوڍا لَھِي ساجَهہ، پَسُ تو شَڪُون تَڪِيا.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 5 ]