دِلِ جي سنڌي معنيٰ
ھردو، اندر، رئيس عضوو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Heart
دِلِ جا بيتن ۾ حوالا
دَردَ رانجَهنِ دي ھِيءَ دِلِ مارِي مَولا،
ايڪَ گهَڙِي دي ويکَڻَ ڪِيتي گهِنِ ڳِيا دِلِ سارِي،
ڪوئِي حبِيبُ طَبِيبُ بَتاوي، جو دارُون دِلِ دا قَرارِي.
[ سُر سھڻي، وايون، 3 ]
ايڪَ گهَڙِي دي ويکَڻَ ڪِيتي گهِنِ ڳِيا دِلِ سارِي،
ڪوئِي حبِيبُ طَبِيبُ بَتاوي، جو دارُون دِلِ دا قَرارِي.
[ سُر سھڻي، وايون، 3 ]
ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا،
واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا،
حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ کي، جورُ ھَڻِي جانِئا،
تَہ تُسِي تو سين توھُ ڪَري، آگو اِحسانا،
جَفا ڏيئِي جانِ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهہ فَنا،
تَہ تو ڏيکاري تو ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا،
جٖي تسلِيمُ ٿِئا تَحقِيقَ سين، اُوءِ ڪِيئَن اَمانا،
جاڳِئا جٖي جَبارَ لَيءِ، سيئِي سَمانا،
سَڀَ سَنوَرِئا سُپِرِين، قَوالَ تو ڪَنا،
چَڱِي چَئِجِ چاھَ سين، مَدَحَ اِيءَ مَنا،
مَتان مَڙدَ وِسارِيين، صاحِبَ جو ثَنا،
دوسِتُ رَکِي دِلِ ۾، پَڙُه لالَڻُ لِسانا،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان، ٻانَهپَ سين ٻانها،
صاحِبَ وَڻِين سَچَ سين، ٿِيءُ داناءُ ديوانا،
تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، جوشَئُون جَوانا،
لَھين تُون لَطِيفَ کان، اَمُنُ اَمانا.
[ سُر سريراڳ، وايون، 1 ]

دِلِ ماھِي دي نالِ لوڪو، دِلِ رانجَهنِ دي نالِ لوڪو،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرُ ڏِيندو ڪو ڪو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 5 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرُ ڏِيندو ڪو ڪو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 5 ]
دِلِ جو دِلبَرُ ھيڪِڙو، گَهڻا تان نَہ ڪِجَنِ،
دِلِ ڏِجي کي ھيڪَڙي، ٻِئا سَھِسين مَرُ سِڪَنِ،
اُوءِ چَلوِلا چَئِجَنِ، جي دَرِ دَرِ لائِينِ دوسِتِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 7 ]
دِلِ ڏِجي کي ھيڪَڙي، ٻِئا سَھِسين مَرُ سِڪَنِ،
اُوءِ چَلوِلا چَئِجَنِ، جي دَرِ دَرِ لائِينِ دوسِتِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 7 ]
وِرسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُلئا ويڄَ ويچارا،
دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو،
اُٿِئو ويڄا مَ وِھو، وَڃو ڊَڀَ کَڻِي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌَڻِي، آيا جِيءَ جِيارا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 1 ]
دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو،
اُٿِئو ويڄا مَ وِھو، وَڃو ڊَڀَ کَڻِي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌَڻِي، آيا جِيءَ جِيارا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 1 ]
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جو دارُون،
دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون،
ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 2 ]
دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون،
ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 2 ]
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿَ کَڻِي، دِلِ ۾ تَيرِي دانھَن،
ڪَھان تَہ ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئُون نَہ سَھان،
ڪَنھِن کي اِيئَن چَوان، تَہ مُون کي مارِئو سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 7 ]
ڪَھان تَہ ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئُون نَہ سَھان،
ڪَنھِن کي اِيئَن چَوان، تَہ مُون کي مارِئو سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 7 ]
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ ڌُئَن،
ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ،
ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان جي دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 14 ]
ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ،
ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان جي دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 14 ]
ظاھِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ ساڻُ فَنا ٿِئا،
تَنِي کي تَعِليمَ جِي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪانِي،
حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 1 ]
تَنِي کي تَعِليمَ جِي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪانِي،
حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 1 ]
ھُو چونِئِي تُون مَ چَئُہُ، مَنُ ماري ڪَرِ مُوءِ،
ڪَڍُ دَغائِي دِلِ مان، ھاگا مان ۽ ھُوءِ،
تَہ آگو سَنجِهہ صُبُوحِ، توھِيکي تَعظِيمَ ڏي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 19 ]
ڪَڍُ دَغائِي دِلِ مان، ھاگا مان ۽ ھُوءِ،
تَہ آگو سَنجِهہ صُبُوحِ، توھِيکي تَعظِيمَ ڏي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 19 ]
English Meaning
Heart