دِلاسو جي سنڌي معنيٰ
ڏَڍُ، آسرو، دلجاءِ، تَسلي، تسڪين، آٿَتُ، دلداري. هِمَت، فرحت، آرام.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Comfort, encouragement, consolation.
دِلاسو جا بيتن ۾ حوالا
اُونِهي مان اُڪارِيين، ھادِي ڏيئِي ھَٿَ،
ڏي دِلاسو دوسَ مُون، ڪامِلَ ٿِيئيمِ قُوَتَ،
سَندِي ساھَڙَ سَٿَ ھَلِي پَسان حُضُورَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 17 ]
ڏي دِلاسو دوسَ مُون، ڪامِلَ ٿِيئيمِ قُوَتَ،
سَندِي ساھَڙَ سَٿَ ھَلِي پَسان حُضُورَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 17 ]
تانۡ ڪا ڪِجا وَرِ، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا،
آئُون اَوِھان جِي آھِيان، بَندِي بي سَمَرِ،
ڪو ڪوھِيارا ڪَرِ، دِلاسو دِلگِيرِ کي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 12 ]
آئُون اَوِھان جِي آھِيان، بَندِي بي سَمَرِ،
ڪو ڪوھِيارا ڪَرِ، دِلاسو دِلگِيرِ کي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 12 ]
پَٽِيھَلُ چئَي پِرِينءَ کي، ساري آئُون سُڪو،
دوسَ دِلاسو دِلِئان، مان ڏي ڪونَہ مُڪو،
آھِمِ اولاڪو، جَسودَنَ جو جانِ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 12 ]
دوسَ دِلاسو دِلِئان، مان ڏي ڪونَہ مُڪو،
آھِمِ اولاڪو، جَسودَنَ جو جانِ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 12 ]
مَنجِهہ رَھِي مَلِيرَ، مُون تان ڪوھُ ڪِئو،
مُون تان ڪِينَ ڪِئو،
مُون ھَٿان مُنھِنجا ڌَڻِي، سَھِسين ٿِئا صَغِيرَ،
پَکَي مَنجِهہ پَنوَھارَ جي، ڪوڙيِين ڪِئَم ڪَبِيرَ،
تُون ڏيِين مُون ڌَڻِي، دِلاسو دِلگِيرَ،
ٻُڙو لاھِ مَ ٻاجَهہ جو مُون تان مُنھِنجا پيرَ،
ٿَرَ ۾ وَلِيُون ٿَڌِيُون، ڪوڙيِين ڪِرِڙَ ڪَرِيرَ.
[ سُر مارئي، وايون، 5 ]

سَمُو سَخاوَتَ جِي، اُڀو پُڇي پَرِ،
ڪوٺي ڪَنگالَنِ کي، ڏي دِلاسو دَرِ،
مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 14 ]
ڪوٺي ڪَنگالَنِ کي، ڏي دِلاسو دَرِ،
مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 14 ]
English Meaning
Comfort, encouragement, consolation.