دَلِيلُ جي سنڌي معنيٰ
سوال و جواب. ثبوت، ثابتي، رستو ڏيکاريندڙ، سُونھون، بحث، مباحثو، بيان. تقرير. مثال، بُرهان، ڪنھن ڳالهہ جي ثابتيءَ ۾ ڏنل شاهدي. حُجت. سمجهاڻي. ويچار، گمان، وهم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Argument, reasoning, demonstration.
دَلِيلُ جا بيتن ۾ حوالا
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، آيو عِزرائِيلُ،
جوراڻي سين جيڏِيُون، نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ،
آيو مَوتَ دَلِيلُ، مارِيندو مُرادَ کان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 8 ]
جوراڻي سين جيڏِيُون، نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ،
آيو مَوتَ دَلِيلُ، مارِيندو مُرادَ کان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 8 ]
وَجَھَ مَنجِهہ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين،
مُنھَن ۾ مُسلِمانُ تُون، قَلبُ تان قَلِيلُ،
سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اَڃا تُون عَلِيلُ،
وِترَ جي وِصالَ ۾، دُوئِي ناھِ دَلِيلُ،
نالو ناھِ نِفاقَ جو، جِتي رَبُ جَلِيلُ.
[ سُر آسا، وايون، 6 ]
مُنھَن ۾ مُسلِمانُ تُون، قَلبُ تان قَلِيلُ،
سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اَڃا تُون عَلِيلُ،
وِترَ جي وِصالَ ۾، دُوئِي ناھِ دَلِيلُ،
نالو ناھِ نِفاقَ جو، جِتي رَبُ جَلِيلُ.
[ سُر آسا، وايون، 6 ]
English Meaning
Argument, reasoning, demonstration.