جُھ جي سنڌي معنيٰ
جيئن، جو، جئن جو، جئن ئي.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
As, as of, same as
جُھ جا بيتن ۾ حوالا
سَڌَڙِيا شَرابَ جُون، ڪُه پَچارُون ڪَنِ،
جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽِ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 26 ]
جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽِ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 26 ]
ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ اَڌَ ڪَري،
آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتا نِينھَن کَري،
دُوئِي ڌارَ ڌَري، جُھ خُلَتَ خَنجَرُ آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 2 ]
آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتا نِينھَن کَري،
دُوئِي ڌارَ ڌَري، جُھ خُلَتَ خَنجَرُ آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 2 ]
وِجهِج واٽاڙُوئَن تي، مَيخاني جِي ماڪَ،
ٿِيندِي سُڌِ سَڀَ ڪَنھِن، ھَنڌِ ھَنڌِ پُوندِي ھاڪَ،
پِرھَ جا پِياڪَ، جُھ سي اَڱَڻِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 22 ]
ٿِيندِي سُڌِ سَڀَ ڪَنھِن، ھَنڌِ ھَنڌِ پُوندِي ھاڪَ،
پِرھَ جا پِياڪَ، جُھ سي اَڱَڻِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 22 ]
جُھ سي اَڱَڻِ آيا، سَرو ڪَندا سُڃَ،
سائِي ٿِيندِيَنِ اُڃَ، ھِيءُ پِيتو ھُو آڻِ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 23 ]
سائِي ٿِيندِيَنِ اُڃَ، ھِيءُ پِيتو ھُو آڻِ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 23 ]
تَہ تُون لَڏِجِ سونَ، جُھ صَرافَنِ لَڏِئو،
قَدُرُ لَھَندَءِ ڪو نَہ، نيئِي گَڏيِندَءَ گَڏُونءَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 14 ]
قَدُرُ لَھَندَءِ ڪو نَہ، نيئِي گَڏيِندَءَ گَڏُونءَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 14 ]
ٻيڙِيءَ جٖي ڀُڻَنِ، نِينھُن نَہ ڪِجي تَنِ سين،
اُڀا ڏَنڀَ ڏِسَنِ، جُھ ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 7 ]
اُڀا ڏَنڀَ ڏِسَنِ، جُھ ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 7 ]
طَعني لاءِ تَران، مَٿي وَھَ واڪا ڪِئو،
مُون کي سِڪَ سَيِّدُ چئَي، مَرُ مَحَبتَ مَنجِهہ مَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جُھ ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 17 ]
مُون کي سِڪَ سَيِّدُ چئَي، مَرُ مَحَبتَ مَنجِهہ مَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جُھ ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 17 ]
اُٻُون ڪَڪَرَ ڪَنڍَرُون، اُتَرَ ڏي آھِينِ،
جُھ آگَمَ ڪَري آيُون، تَہ مُندَ نَہ مَٽائِينِ،
مَٿان لوڪَ لَطِيفُ چئَي، گُوندَرَ گَمائِين،
پَٽين پِيارِينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگُوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 6 ]
جُھ آگَمَ ڪَري آيُون، تَہ مُندَ نَہ مَٽائِينِ،
مَٿان لوڪَ لَطِيفُ چئَي، گُوندَرَ گَمائِين،
پَٽين پِيارِينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگُوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 6 ]
سُڻِي ٻولَ سَندانِ، جِمَ سُمهين سَسُئِي،
ڪَندِينءَ ڪوھُ ڪيڻانِ، جُھ سي اُنِ اورانگهِئا.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 17 ]
ڪَندِينءَ ڪوھُ ڪيڻانِ، جُھ سي اُنِ اورانگهِئا.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 17 ]
جُھ يارُ ڏٺائُون يارَ جو، تَہ پُٺِيءَ پيرُ ڪَڙِينِ،
ڦِرِئا نَہ فَرمانَ کان، اُنِهِي ۾ آھِينِ،
ڏِسِئو نَہ ڏاڙِهينِ، شَبانَ جي سَڳَ کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 16 ]
ڦِرِئا نَہ فَرمانَ کان، اُنِهِي ۾ آھِينِ،
ڏِسِئو نَہ ڏاڙِهينِ، شَبانَ جي سَڳَ کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 16 ]
English Meaning
As, as of, same as