تَماچِي جي سنڌي معنيٰ
ڄام تماچي. سمن جي دؤر جو مشھور بادشاھ، جنھن بادشاھي ڇڏي نورِي نالي مھاڻيءَ سان عشق ڪيو. سندس لقب ”سلطان رڪن الدين شاھ“ پڻ ھئو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Jam Tamachi, a king of Sama's dynasty who left kingdom for her beloved Noori who was a fisher girl
تَماچِي جا بيتن ۾ حوالا
تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، تُون تَماچِي تَڙَ راءُ،
تَماچِيءَ جي تَڪِيي، تُون تَماچِي ڳاءِ،
تَہ تُون تَماچِياءُ، تَماچِي تَڙَ لَھين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 9 ]
تَماچِيءَ جي تَڪِيي، تُون تَماچِي ڳاءِ،
تَہ تُون تَماچِياءُ، تَماچِي تَڙَ لَھين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 9 ]
جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي،
اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها لاھي لَڏَ،
اَگَلَنِ کي اوڏو وِھي، گَندا ڪَري گَڏَ،
ڪِھڙا جَڏَ جَڏوئِيين، جُودَ مَهِندان جَڏَ،
اَڳِئان عَجِيبَنِ جي، مُشُڪِلُ ڪينِهي مَڏَ،
آدَمُ تِئان خَلَقِئو، ھُوءَ جا کَڄي مَنجهان کَڏَ،
سَمي سيئِي سيڻَ ڪِئا، ھيڻا جَنِ جا ھَڏَ،
سانگِيَنِ جِي سَيِّدُ چئَي، ڄامَ پَرتَئِي لَڏَ،
جِيءُ جِيءُ تَماچِي ڪَري، سُڻِئو نُورِيءَ سَڏَ،
ادا اِنَهِيءَ پارَ جا، موڙي اَچو مَڏَ،
غافِلِي ڪُفرِي، ايڪَ نَہ سُئَيءِ سَڏَ،
ھُوءِ جُنبِئا جابانَ ڏي، تُون سُتو ساھِيين ھَڏَ.
اَوِلِيَ ۾، عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڄَڻَ ڏِيندو سَڏَ.
[ سُر رِپ، وايون، 1 ]

مَرڪَڻَ تُون مَ مَريجِ، سِرَ صَلابَتَ سُپِرِين،
آھِين ٺارُ اَکِيُنِ جو، وَٽان مُون مَ وَڃيجِ،
تَماچِي تَڳيجِ، ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 6 ]
آھِين ٺارُ اَکِيُنِ جو، وَٽان مُون مَ وَڃيجِ،
تَماچِي تَڳيجِ، ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 6 ]
ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين، تُون تَماچِي تَڳُ،
اُوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 7 ]
اُوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 7 ]
ھيٺِنِ مَٿنِ ھيڪِڙِي، پاسَنِ پُراڻِي،
رِيتِ اُنِ جي راءَ کي، سَمي سِيباڻِي،
رِيجِهئو رِھاڻِي، ڪَري تَماچِي تَنِ سين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 10 ]
رِيتِ اُنِ جي راءَ کي، سَمي سِيباڻِي،
رِيجِهئو رِھاڻِي، ڪَري تَماچِي تَنِ سين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 10 ]
نُورِيءَ جَي نَوازِئو، ٿِئو تَماچِي تي،
گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيَڙِيَيئن مي،
ڪِينجُهرِ چُوندا ڪي، سَچُ سَڀَيئِي ڳالِهڙِي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 14 ]
گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيَڙِيَيئن مي،
ڪِينجُهرِ چُوندا ڪي، سَچُ سَڀَيئِي ڳالِهڙِي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 14 ]
ڄامان اَڳي جٖي ڄايُون، تَنِ جِي نِرتِ نُورِيءَ تي ناھِ،
نَہ ڳوٺِ نَہ ڳَنڃَڙي، نَڪِي وَڃَنِ وِھانءِ،
سي ڪِينجُهرَ ڪَندِيُون ڪاھَ، جَنِ تَماچِي تَڪِيو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 16 ]
نَہ ڳوٺِ نَہ ڳَنڃَڙي، نَڪِي وَڃَنِ وِھانءِ،
سي ڪِينجُهرَ ڪَندِيُون ڪاھَ، جَنِ تَماچِي تَڪِيو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 16 ]
پَکا پَکارِئو، تَڙِ تَماچِي آيو،
گُوندَرَ لاھِيو گَندَرِيُون، آتَڻ اُجارِئو،
مَڪُڙِيُون سين موتِيين، سَهجا سِينگارِئو،
ڪِينجُهرُ قرارِئو، سَمي سامَ بَخشِي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 18 ]
گُوندَرَ لاھِيو گَندَرِيُون، آتَڻ اُجارِئو،
مَڪُڙِيُون سين موتِيين، سَهجا سِينگارِئو،
ڪِينجُهرُ قرارِئو، سَمي سامَ بَخشِي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 18 ]
پَکَنِ پوءِ پَچارَ، اَڄُ تَماچِي آيو،
نَنڍِي وَڏِي گَندَرِي، پُويو پائي ھارَ،
مَرڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌِيَنِ ٻارَ،
وَڏِي ڄامَ ڄَمارَ، اَڍايُون اَجهي جَنھِين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 19 ]
نَنڍِي وَڏِي گَندَرِي، پُويو پائي ھارَ،
مَرڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌِيَنِ ٻارَ،
وَڏِي ڄامَ ڄَمارَ، اَڍايُون اَجهي جَنھِين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 19 ]
تَڙِ تَماچِي آيو، سَڀَتِ ٿِي صَلاحَ،
مورُ مَرَڪِي ھَلِئو، سَندو راڻِنِ راءُ،
لَٿِي لُکَ لَطِيفُ چئَي، ڪِئو شَمسَ شُعاعُ،
پِيڙِھِيءَ ويٺو بادشاھُ، مَٿِسِ ڇَٽَ ڇُڳاءُ،
ڪوڙيِين قَناتُون لَڳِيُون، مُياڻِينءَ مَٿان،
لَٿو ڏَنُ ڏيھان، ٿِيُون مَرڪَنِ مَڇِيءَ وارِيُون.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 20 ]