تَماچِيءَ جي سنڌي معنيٰ
ڄام تماچيءَ. سمن جي دؤر جو مشھور بادشاھَ، جنھن بادشاھي ڇڏي نورِي نالي مھاڻيءَ سان عشق ڪيو. سندس لقب ”سلطان رڪن الدين شاھ“ پڻ ھئو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Jam Tamachi, a king of Sama's dynasty who left kingdom for her beloved Noori who was a fisher girl
تَماچِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪِجي جَي ڪاموڏَ، اَچي ساءُ سُرودَ مان،
ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ڪَڪورِئا، ھيٺِ لَهرنِ لوڏَ،
جِيئَن سَمي دَرِ گَندَرِيُون، تِيئَن لاکَي دَرِ اوڏَ،
تَماچِيءَ تَنبُوڏَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 1 ]
ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ڪَڪورِئا، ھيٺِ لَهرنِ لوڏَ،
جِيئَن سَمي دَرِ گَندَرِيُون، تِيئَن لاکَي دَرِ اوڏَ،
تَماچِيءَ تَنبُوڏَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 1 ]
جِھَڙِي سِڄَ ڪَڪورَ، تِھَڙِي مي اَکِيُنِ ۾،
ڪِينجُهرَ ٻِنِهي ڪَنڌِيين، مييُون ٽِلَنِ مورَ،
تَماچِيءَ تَنبُورَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 2 ]
ڪِينجُهرَ ٻِنِهي ڪَنڌِيين، مييُون ٽِلَنِ مورَ،
تَماچِيءَ تَنبُورَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 2 ]
ھيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراھِ،
اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءِ،
لَڳي اُتَرَ واءِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 4 ]
اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءِ،
لَڳي اُتَرَ واءِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 4 ]
ماڙِيءَ چَڙِهئو مي، ٿِي ھَڻي حَرَفُ حِسابَ جو،
جيڏاَنھَن عالَمَ آسِرو، تيڏاَنھَن تَنُ نَہ ڏي،
ڄامَ تَماچِيءَ جي، مُون ڪونِهي سُولُ سُھاڳَ سين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 8 ]
جيڏاَنھَن عالَمَ آسِرو، تيڏاَنھَن تَنُ نَہ ڏي،
ڄامَ تَماچِيءَ جي، مُون ڪونِهي سُولُ سُھاڳَ سين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 8 ]
ھيٺِنِ مَٿِنِ ھيڪِڙِي، پُراڻِي پَرَھِين،
توڙان تَماچِيءَ ڄامَ سين، ڳُجَهہ اَندَرِ ڳَڙَھِينِ،
سَسِيُون جِتِ سَرَھِينِ، تِتِ مُھاڻِي مَنجِهہ وِھي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 9 ]
توڙان تَماچِيءَ ڄامَ سين، ڳُجَهہ اَندَرِ ڳَڙَھِينِ،
سَسِيُون جِتِ سَرَھِينِ، تِتِ مُھاڻِي مَنجِهہ وِھي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 9 ]
نَہ ڪَنھِن ڄائو ڄامَ کي، نَڪو ڄامَ وِياءُ،
نَنڍي وَڏي گَندَري، سَڀَ ڪَنھِن آھِ سِياءُ،
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، اِيءَ نِجابَتَ نِياءُ،
ڪِبرُ ڪِبرِياءُ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 17 ]
نَنڍي وَڏي گَندَري، سَڀَ ڪَنھِن آھِ سِياءُ،
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، اِيءَ نِجابَتَ نِياءُ،
ڪِبرُ ڪِبرِياءُ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 17 ]
ڪو جو ڪامَڻُ مي، آھي اَکَڙِيُنِ ۾،
تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني،
عِشقُ اِيئَن ڪَري، جِيئَن ڄارو ڄامَ ڪُلِهي ڪِئو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 25 ]
تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني،
عِشقُ اِيئَن ڪَري، جِيئَن ڄارو ڄامَ ڪُلِهي ڪِئو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 25 ]
اَڙِي مي، سَمي جا سَمگِي، تَنھِن کي ڪيرُ چُوندو مي،
گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيائين مي،
تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني،
ڄارو ڄامَ ڪُلِهي ڪِئو، عِشقُ اِيئَن ڪَري،
سَمي جي سُھاڳَ جو، مِينڍو ڳُتو مي،
جَنِ نَہ وِھارِي وَٽِ ۾، ٿِئَڙا سَلامِي سي،
عالَمُ اِنعامِي ڪِئو، نُورِيءَ نازُ ڪَري.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 1 ]

تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، تُون تَماچِي تَڙَ راءُ،
تَماچِيءَ جي تَڪِيي، تُون تَماچِي ڳاءِ،
تَہ تُون تَماچِياءُ، تَماچِي تَڙَ لَھين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 9 ]
تَماچِيءَ جي تَڪِيي، تُون تَماچِي ڳاءِ،
تَہ تُون تَماچِياءُ، تَماچِي تَڙَ لَھين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 9 ]
مالَ جَنِ جا مَڪُڙِيُون، ڄارا ۽ کارا،
تَماچِيءَ جي تَڪِيي، اَچَنِ سَوارا،
جي مِيءَ مَڇِيءَ مارا، سَمي سي سيڻَ ڪِئا.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 12 ]