توءِ جي سنڌي معنيٰ
تہ بہ، تنھن ھوندي بہ
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Then, still
توءِ جا بيتن ۾ حوالا
عاشِقُ توءِ آزارَ سين، جي مَٿي وَڃي ڳِيجَهہ،
جي ويٺو مَنجِهہ ڪُرِيزَ، توءِ سِيچاڻِي شِڪارَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 22 ]
جي ويٺو مَنجِهہ ڪُرِيزَ، توءِ سِيچاڻِي شِڪارَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 22 ]
ڪاتِي تِکي مَ ٿِئي، مَرُ مُنِيائِي ھوءِ،
مانَ وِرمَنِ توءِ، مُون پِريان جا ھَٿَڙا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 12 ]
مانَ وِرمَنِ توءِ، مُون پِريان جا ھَٿَڙا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 12 ]
ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُ، پاءِ اُميرِي اُنِ سين،
جي اُو اَوڳُڻَ ڳِنَهَنِ اَسُونھِين، تُون ڳُڻانِي ڳِنُ،
پُٺِيءَ لَڳِي پِنُ، ھِنَ سُونھاري سَنڱ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 10 ]
جي اُو اَوڳُڻَ ڳِنَهَنِ اَسُونھِين، تُون ڳُڻانِي ڳِنُ،
پُٺِيءَ لَڳِي پِنُ، ھِنَ سُونھاري سَنڱ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 10 ]
پَلاڻِئو پِئو، اولاڻِئو نَہ اُٿِيي،
جَنھِن مَيي ٿي مَڻَ کَنيا، سو رِڙَھَڻَ کان رَھِيو،
ليڙي کي لَطِيفُ چئَي، اڱَڻُ اَوکو ٿِئو،
جيڏاَنھَن وَڳُ وِئو، توءِ تَرَسي اوڏھِين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 22 ]
جَنھِن مَيي ٿي مَڻَ کَنيا، سو رِڙَھَڻَ کان رَھِيو،
ليڙي کي لَطِيفُ چئَي، اڱَڻُ اَوکو ٿِئو،
جيڏاَنھَن وَڳُ وِئو، توءِ تَرَسي اوڏھِين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 22 ]
ڪَرَھو توءِ نَہ مُون، وِئو دَرِياھان پارِ،
پَنجُوڙِڪِي پيرَنِ ۾، ڪَرھي سِنئَن ڪَپارِ،
نَڪِي لَهرِ لوڙِھِئو، نَڪِي ٻوڙئو تارِ،
اَکِيُنِ جي آرِ، تَرِي وِيو واھڙو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 52 ]
پَنجُوڙِڪِي پيرَنِ ۾، ڪَرھي سِنئَن ڪَپارِ،
نَڪِي لَهرِ لوڙِھِئو، نَڪِي ٻوڙئو تارِ،
اَکِيُنِ جي آرِ، تَرِي وِيو واھڙو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 52 ]
توڙي تَڙِيين تُون، تو دَرُ توءِ نَہ ڇَڏِيان،
مُون کي سو مُشاھِدو، جي مُنھُن نَہ ڏِيِين مُون،
مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا، آھِين تُونھِين تُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 5 ]
مُون کي سو مُشاھِدو، جي مُنھُن نَہ ڏِيِين مُون،
مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا، آھِين تُونھِين تُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 5 ]
توڙي تَوائِي، توءِ تُنھِنجي آسِري،
جِيئَن وَڻِجارِي سين وَکَرين، تِيئَن مان گهَرَ سرھائي،
سَڄَڻُ ڳَرِ لائِي، کِيرُون ڏيِندَيِسِ جيڏِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 16 ]
جِيئَن وَڻِجارِي سين وَکَرين، تِيئَن مان گهَرَ سرھائي،
سَڄَڻُ ڳَرِ لائِي، کِيرُون ڏيِندَيِسِ جيڏِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 16 ]
سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين توءِ مَ لَڳُ،
جان ڪو جِيئَين ڏِينھَڙو، پُورِ اُبَتي وَڳُ،
پاءِ تيڏاھِين پَڳُ، نانھِن جيڏاھِين نِجِهرو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 43 ]
جان ڪو جِيئَين ڏِينھَڙو، پُورِ اُبَتي وَڳُ،
پاءِ تيڏاھِين پَڳُ، نانھِن جيڏاھِين نِجِهرو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 43 ]
ڪَڙِ ڪَڙِ ڪُنَ مَ وَڄُ، ٻانڌِي ٻوڙِ مَ ٻارِ جا،
مُون جَا ميھارَ جِي، ڪِيئَن ڌُئَندِيَسِ ڌَڄُ،
توءِ گهِڙندِيَسِ اَڄُ، جَي اُبَتا آرَ ڪَرِيين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 33 ]
مُون جَا ميھارَ جِي، ڪِيئَن ڌُئَندِيَسِ ڌَڄُ،
توءِ گهِڙندِيَسِ اَڄُ، جَي اُبَتا آرَ ڪَرِيين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 33 ]
کامان پَچان پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان،
تَنَ ۾ تَؤُنسَ پِرِيَنِ جِي، پِيان نَہ ڍاپان،
سَمُنڊُ مُنھِن ڪَرِيان، توءِ سُرِڪِيائِي نَہ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 14 ]
تَنَ ۾ تَؤُنسَ پِرِيَنِ جِي، پِيان نَہ ڍاپان،
سَمُنڊُ مُنھِن ڪَرِيان، توءِ سُرِڪِيائِي نَہ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 14 ]
English Meaning
Then, still