بيکارِي جي سنڌي معنيٰ
بيک وٺندڙ، پينو، پنڻو، گداگر. منگتو. ٻھروپي، بيک ڌاري. جنھن کي فقيراڻو لباس پيل هجي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who wears a fakir’s habit, a beggar.
بيکارِي جا بيتن ۾ حوالا
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بيکارِي،
سامِيءَ سيلو سِرَ تي، مالَها موچارِي،
ڏيئِي ڏيکارِي، فَقِيرُ دِلِ ڦَٽي وِئو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 5 ]
سامِيءَ سيلو سِرَ تي، مالَها موچارِي،
ڏيئِي ڏيکارِي، فَقِيرُ دِلِ ڦَٽي وِئو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 5 ]
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بيکارِي ۾ بَرَ،
کَرِي تَنھِن خَبَرَ، ڪامِلَ ڏِني ڪاڪِ جِي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 7 ]

ڪو جو ڪالَهہ گَڏِيُون، بيکارِي بَرَ پَٽَ ۾،
تَنھِن سامِيَڙي سَيِّدُ چئَي، اَپَرِ عَشقُ ڏِنونِ،
اُھو ڪِي مُنھِن آيونِ، وِئا ڪاھِيندا ڪاڪ ڏي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 11 ]

بابُو بيکارِي ٿِئا، اَڄُ نَہ آسَڻَ وَٽِ،
خُودِي کائي ھَلِئا، پيرَ لايائُون پَٽِ،
ھئَي ھئَي جَنِي ھَٽِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 25 ]

بابُو بيکارِي ٿِئا، آسَڻَ وَٽِ نَہ اَڄُ،
نِسوروئي ناھِ جو، سامِي ڪَنِ سَھَڄُ،
ھِنيان تَنِ سين ھَڄُ آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 26 ]

بابُو بيکارِي ٿِئا، ڀَڃي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ،
نِسوروئي ناھِ جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ،
سِرکَنڊُ جَنِي ساڻُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 27 ]

پُٺا ڄَرَ ڄَرَ ڄَراٽِئا، مُنھَن کانيَنِ سِيءَ،
مُوھِنَ مَڱَنِ بِکِئا، نَہ ڪا لَڄَ نَہ لِيھَ،
بابُو بيکارِي ٿِئا، نَڪو پُٽُ نَہ ڌِيءَ،
پَسو جَلايا جِيءَ، ويراڳِيَنِ ويراڳَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 23 ]

ويڙِھيين مَنجِهہ وَڙالَ، آن ڪي گَڏِئا ھوتَ مُنھِنجا،
گيڙُو ڪِئائُون ڪَپِڙا، رَتائُون رُومالَ،
جَڏو جِيءُ جِيارِئو، تَنِ سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ،
وَتَنِ ڌُوڙِ ڀَڪُلِئا، ڪَنھِن سان ڪَنِ نَہ ڳالِهہ،
ووءِ ووءِ تَنِ نَہ وِسَرِي، ھوءِ تَنِي جي حالَ،
کامِي کُوري وِچَ ۾، پاڻان ٿِئَڙا پَيمالَ،
بابُو بيکارِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ وِصالَ،
ماءُ مُنھِنجي جوڳِيين، ڪَنين ڪُنِرَ لالَ،
اُڀِي اوطاقُنِ ۾،ڪَرَ موڙِئائُون ڪالَهہ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، جَڏا مَنجِهہ جَمالَ.
[ سُر پورب، وايون، 8 ]