اَڄُ جي سنڌي معنيٰ
ھلندڙ ڏينھن، اَڄوڪو ڏينھن
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Today
اَڄُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرَھَلَ پائي لَڄُ، ڪوھُ نَہ ويئِيئَن اُنِ سين،
اُجارِيائُون اولِيُون، ڌُئاريائُون ڌَڄُ،
مَتان وِھين ويسَلِي اُٿِي ڀُورَلِ ڀَڄُ،
سيڻَنِ ساجُهرِ لَڏِئو، تُون آئِي نِهارِئين اَڄُ،
ڪالَهہ سِبايُئِي ڪَنجِرو، اَنگين پاتُئِي اَڄُ،
پِريان جِي ھُنَ پارَ ڏي، وَڃِي دَونڪِي ڌڄُ،
ڪيرُ سُڻَندو تُنھِنجُون، اَدورانھُون اَڄُ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 3 ]

دوسُ پيھِي دَرِ آئِيو، ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيَو.
ڏِينھَن پُڄاڻُون آڻي اَسان کي، مَولا مُحِبُ مِلائِيو،
وِيو وِڇوڙو، ٿِيو مَيلاپو، واحِدَ واءُ وَرائِيو،
هُو جَنھِين جو ڏَسُ ڏُوراڏو، اوڏو اَڄُ سو آئِيو،
عَبدِالْلَطِيفُ چئَي اَچِي عَجِيبَنِ، پاڻَ فَضُلُ فَرمائيو،
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 6 ]

پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ ڌُئَن،
ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ،
ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان جي دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 14 ]
ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ،
ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان جي دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 14 ]
واڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پُڻ ڪَنجهو ڪَنجَهہ،
جَي پُڻ پَييَنِ سَنجَهہ، تَہ ھُو پِنِيُون ھُو پَٽِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 15 ]
جَي پُڻ پَييَنِ سَنجَهہ، تَہ ھُو پِنِيُون ھُو پَٽِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 15 ]
واڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پُڻ ڪِھَڙي دانھَن،
ويڄَ وَرائي ٻانھَن، چوري چاڪَ نِھارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 16 ]
ويڄَ وَرائي ٻانھَن، چوري چاڪَ نِھارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 16 ]
اَگَهنِ مِڙِي اَڄُ، ڪِئو سَڏُ صِحَتَ کي،
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِھرِيءَ مُنھُن ڏيکارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 8 ]
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِھرِيءَ مُنھُن ڏيکارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 8 ]
تَنَ جو تُون نَہ طَبِيبُ، ڌارِيَئِي دُنِيا ڪارَڻِ ڍَٻِيُون،
اِيندو اَڄُ عَجِيبُ، شادِي ڏِيندو صِحَتَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 29 ]
اِيندو اَڄُ عَجِيبُ، شادِي ڏِيندو صِحَتَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 29 ]
ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِوارَ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ جِي،
ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ،
ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪَڙِيُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 13 ]
ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ،
ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪَڙِيُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 13 ]
لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ،
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]
اَڄُ آڳَڙِيا آيا، سائُو ڪي سُڄاڻَ،
لاھِيندا مورِياڻَ، رُڪُ ڪَندا پَڌِرو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 17 ]
لاھِيندا مورِياڻَ، رُڪُ ڪَندا پَڌِرو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 17 ]
English Meaning
Today