آھُون جي سنڌي معنيٰ
ڏُکَ، تڪليف، درد يا سُور ۾ اندر مان نڪتل آواز. دانھون فرياد. رڙيون. پِٽون، پاراتا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cries, groans, wailings. Lamentations, complaints.
آھُون جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکُون وِجُهہ وَڌَندِيُون،
ھيڪَرَ حَبِيبَنِ سين، مُون کي نيئِي گَڏِ،
مَڇُڻ پُونَئِي ھَڏِ، آھُون اُڪَنڊِيَنِ جُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 7 ]
ھيڪَرَ حَبِيبَنِ سين، مُون کي نيئِي گَڏِ،
مَڇُڻ پُونَئِي ھَڏِ، آھُون اُڪَنڊِيَنِ جُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 7 ]
ڪَنڌِيءَ جَهلِيو ڪانھَنۡ، عاشِقُ آھُون ڪَري،
تو ڪِيئَن ٻوڙِي سُهڻِي، ٻيلِي مُنھِنجِي ٻانھَنۡ؟
دَرياھَ تو تي دانھَن، ڏِيندُسِ ڏِينھَن قِيامَ جي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 24 ]
تو ڪِيئَن ٻوڙِي سُهڻِي، ٻيلِي مُنھِنجِي ٻانھَنۡ؟
دَرياھَ تو تي دانھَن، ڏِيندُسِ ڏِينھَن قِيامَ جي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 24 ]
مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾،
اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ،
ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون آھِيان اَوِھان ڌارَ،
ٻِڇَلِ ٻانڌِي ٻارِ ڪَري اُتِ اُبَتا آرَ،
تَنھِن ۾ گِهڙِي سُهڻِي آڳَھَ ريءَ آڌارَ،
ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، توڏِيءَ ڪِي تَنوارَ،
سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين، سِگهو رَسُ سَنگهارَ،
اوراڙان آھُون ڪَري، پَھچان شالَ پَراڙَ،
سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون، سانڀارا سَنڀارَ،
آيَمِ ريلي ريءَ سين، اَلا تو اَھارَ،
تارِ تَرَندِيَسِ پِرِين پَسَندِيَسِ، ويندِيَسِ وَٽِ وَڇارَ،
پُورِيندِيَسِ پارَ مَڻِي، سَھِسين جَي سيسارَ،
گولِي گهاگهائي، جَکَنِ ٿا جانارَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 17 ]

ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، ھِيءَ تان جَڏِي زالَ،
توڏِيءَ تَپُ شُرُوعُ ٿِئو، ھَئَي ھِيڻِيءَ جي حالَ،
جُکِي ريءَ جَمالَ، اَگِهي ٿِي آھُون ڪَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 4 ]
توڏِيءَ تَپُ شُرُوعُ ٿِئو، ھَئَي ھِيڻِيءَ جي حالَ،
جُکِي ريءَ جَمالَ، اَگِهي ٿِي آھُون ڪَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 4 ]
مُحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين، آڻيئِي اللهُ،
توکي ساري ساھُ، اُڪَنڊِيو آھُون ڪَري.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 18 ]
توکي ساري ساھُ، اُڪَنڊِيو آھُون ڪَري.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 18 ]
مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو،
دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو،
آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ طَبِيبَ،
شادِي ڏيِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاھِ غَريِبَ،
ڪاھِلِ آھِيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاھِ رَقِيبَ،
حاذِقُ آھِين ھِنَ جو، اَچين شالَ عَجِيبَ،
اَگِهي ٿِي آھُون ڪَرِيان، نَعرو مَنجِهہ نَصِيبَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، پُڇُ پُڇُ رَھيَسِ طَبِيبَ،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ کي، ڪوڙي لاءِ قَرِيبَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 5 ]

آءُ اوراھُون سُپِرِين، آرِي لَڳِ اللهَ،
توکي سارِئو ساھُ اُڪَنڊِئو آھُون ڪَري.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 6 ]
توکي سارِئو ساھُ اُڪَنڊِئو آھُون ڪَري.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 6 ]
رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، جِھَڙِي ڪَري جوءِ،
اِيءَ نَہ عَورَتَ ھوءِ، آھُون عِشقَ سَندِيُون.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 18 ]
اِيءَ نَہ عَورَتَ ھوءِ، آھُون عِشقَ سَندِيُون.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 18 ]
ساھي ٻَڌي سَندِرو مَٿي بَرَ بَندِي،
آھُون لاءِ آرياڻيءَ، وَڃي ڪيچِ ڪَندِي.
مَولا ڪا مَ مَدِي، سُڻِيان ھوتَ بَلوچَ جِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 18 ]
آھُون لاءِ آرياڻيءَ، وَڃي ڪيچِ ڪَندِي.
مَولا ڪا مَ مَدِي، سُڻِيان ھوتَ بَلوچَ جِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 18 ]
ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پَچَڻَ ناھِ پَچارَ،
اَندَرِ ٿِي آھُون ڪَري، کاڻِي مَنجِهہ خُمارَ،
گِرِيي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻاروچَنِ ۾.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 3 ]
اَندَرِ ٿِي آھُون ڪَري، کاڻِي مَنجِهہ خُمارَ،
گِرِيي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻاروچَنِ ۾.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 3 ]
English Meaning
Cries, groans, wailings. Lamentations, complaints.