آرِيچَنِ جي سنڌي معنيٰ
آريءَ ڄام جي پُٽن، آريءَ جو اولاد. (پنهوءَ جي ڀائرن. آري پنهوءَ جي پيءُ جو نالو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sons of Aaree. Brothers of Punhoo (Aaree, name of Punhoo's father.)
آرِيچَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ڄاڻِي سُڃاڻِي، مُون کي ڇَڏي ھَلِئا،
اَدِيُون آرِيچَنِ لاءِ، آئُون کُوري ۾ کاڻِي،
ڀَرِيُمِ جَو پاڻِي، سو ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ آيو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 19 ]
اَدِيُون آرِيچَنِ لاءِ، آئُون کُوري ۾ کاڻِي،
ڀَرِيُمِ جَو پاڻِي، سو ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ آيو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 19 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، جوڀَنُ وِئَڙُمِ جاڙَ،
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ،
مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاڙَ،
عُمِرِ سَڀَ اَواڙَ، ويَمِ تي واڪا ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 5 ]
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ،
مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاڙَ،
عُمِرِ سَڀَ اَواڙَ، ويَمِ تي واڪا ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 5 ]
بَرَ مِڙَئِي باسَ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون،
اَدِيُون آرِيچَنِ جي، وَڻَنِ مُڪا واسَ،
آيَلِ پُنِي آسَ، پُنهون آيو ڪيچَ مان.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 13 ]
اَدِيُون آرِيچَنِ جي، وَڻَنِ مُڪا واسَ،
آيَلِ پُنِي آسَ، پُنهون آيو ڪيچَ مان.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 13 ]
جَبَلُ ماري جَکَ، جو آڏو آرِيچَنِ کي،
توڻي لَڪَنِ لَکَ، تَہ سَڀَ لَنگَهندِيَسِ سِڪَ سين.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 11 ]
توڻي لَڪَنِ لَکَ، تَہ سَڀَ لَنگَهندِيَسِ سِڪَ سين.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 11 ]
جَبَلُ جيڏو ئِي آڏو آرِيچَنِ کي،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بُرفَتَ بِروھِي،
رِڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 12 ]
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بُرفَتَ بِروھِي،
رِڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 12 ]
جَبَلَ سُڄَنِ جالَ، آڏا آرِيچَنِ کي،
ھاڙِھي ڏُونھِن ھَٿُ کَڻِئو، ڇَپَرِ مِڙان ڇالَ،
ڪيچِي وِئَڙمِ ڪالَهہ، تي ٿِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 13 ]
ھاڙِھي ڏُونھِن ھَٿُ کَڻِئو، ڇَپَرِ مِڙان ڇالَ،
ڪيچِي وِئَڙمِ ڪالَهہ، تي ٿِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 13 ]
دَردَ فِراقَ مِيان پُنهون سائِين، عِشقَ فِراقَ،
پُنهون سائِين جيڏِيُون اَلو اَلو مارِي آھِيان،
اَدِيُون آرِيچَنِ جي، نِھوڙِيَسِ نِفاقَ،
ڏُونگَرُ ڏورِئو نَہ ٿِئي، مُون وِلِهِيءَ کان واڪَ.
[ سُر ديسي، وايون، 5 ]
پُنهون سائِين جيڏِيُون اَلو اَلو مارِي آھِيان،
اَدِيُون آرِيچَنِ جي، نِھوڙِيَسِ نِفاقَ،
ڏُونگَرُ ڏورِئو نَہ ٿِئي، مُون وِلِهِيءَ کان واڪَ.
[ سُر ديسي، وايون، 5 ]
اُسَ مَ لَڳي اوٺِيين، ليڙان لَڳُ مَ لُڪَ،
اللهَ آرِيچَنِ جي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ،
جَتَ جَهجها ۾ جَڳَ، مُنھِنجِي پِرتِ پُنُوھَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 17 ]
اللهَ آرِيچَنِ جي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ،
جَتَ جَهجها ۾ جَڳَ، مُنھِنجِي پِرتِ پُنُوھَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 17 ]
جَبَلُ ڏي نَہ جَوابُ، اَڳِئان آرِيچَنِ جو،
سَندو اَکِيُنِ آبُ، پَھَڻَ ٿو پُرزا ڪَري.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 7 ]
سَندو اَکِيُنِ آبُ، پَھَڻَ ٿو پُرزا ڪَري.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 7 ]
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ھِتِ ھوتاڻِي ھاڻِ،
اوڏِ مُنڌَ اُٺَنِ کي، اللهَ ڪارَڻِ آڻِ،
پورِهيو ڪَندِيَسِ پاڻِ، اَڳِئان آرِيچَنِ جي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 2 ]
اوڏِ مُنڌَ اُٺَنِ کي، اللهَ ڪارَڻِ آڻِ،
پورِهيو ڪَندِيَسِ پاڻِ، اَڳِئان آرِيچَنِ جي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 2 ]
English Meaning
Sons of Aaree. Brothers of Punhoo (Aaree, name of Punhoo's father.)