آبُ جي سنڌي معنيٰ
پاڻي، نِيرُ، جَلُ. مَٿان جو پاڻي، آسماني برسات جو پاڻي. مِينھن، برسات، بارش. اکين جو پاڻي، لُڙڪ، ڳوڙها
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Water, aqua, temper, tear
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
آبُ جا بيتن ۾ حوالا
لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگَمَ ڪِئا اللهَ،
وَڏائِي واحِدَ ڪِئا، مَٿي گَسَنِ گاھَ،
پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جَهلِئا پاھَ،
سانگِيَنِ وَرِئا ساھَ، اُٺُنِ آبُ اَگوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 2 ]
وَڏائِي واحِدَ ڪِئا، مَٿي گَسَنِ گاھَ،
پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جَهلِئا پاھَ،
سانگِيَنِ وَرِئا ساھَ، اُٺُنِ آبُ اَگوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 2 ]
اُٻُون ڪَڪَرَ ڪَنڍَرُون، اُتَرَ ڏي آھِينِ،
جُھ آگَمَ ڪَري آيُون، تَہ مُندَ نَہ مَٽائِينِ،
مَٿان لوڪَ لَطِيفُ چئَي، گُوندَرَ گَمائِين،
پَٽين پِيارِينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگُوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 6 ]
جُھ آگَمَ ڪَري آيُون، تَہ مُندَ نَہ مَٽائِينِ،
مَٿان لوڪَ لَطِيفُ چئَي، گُوندَرَ گَمائِين،
پَٽين پِيارِينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگُوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 6 ]
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِئائِين،
روضو پاڪَ رَسُولَ جو، رِيجِهي رانيائِين،
آڻي ڏِنائِين، عالَمَ آبُ اَگُوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 7 ]
روضو پاڪَ رَسُولَ جو، رِيجِهي رانيائِين،
آڻي ڏِنائِين، عالَمَ آبُ اَگُوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 7 ]
ماڻُهو مِرگهَہ مينھِيُون، سارَنگَ کي سارِينِ،
آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ،
سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ،
پَلُرُ پِيارينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگوُندِروَ.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 9 ]
آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ،
سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ،
پَلُرُ پِيارينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگوُندِروَ.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 9 ]
مُون جُهڙُ ڏِٺو اُڀَ ۾، ڍولا لَڏَ مَ لاھِ،
اَچَنِ آبُ اَڳي ڪِئو، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پاءِ، اَڏِ اُتاھِينءَ پَکَڙو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 16 ]
اَچَنِ آبُ اَڳي ڪِئو، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پاءِ، اَڏِ اُتاھِينءَ پَکَڙو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 16 ]
جَتَنِ سين جَوابُ، ڪِھَڙو ڪَندِيَسِ جيڏِيُون،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَري ڏيرَ ڪَبابُ،
آرِياڻِي آبُ، رَکُ ڪَمِيڻِيءَ جو ڪيچَ ۾.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 7 ]
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَري ڏيرَ ڪَبابُ،
آرِياڻِي آبُ، رَکُ ڪَمِيڻِيءَ جو ڪيچَ ۾.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 7 ]
جَبَلُ ڏي نَہ جَوابُ، اَڳِئان آرِيچَنِ جو،
سَندو اَکِيُنِ آبُ، پَھَڻَ ٿو پُرزا ڪَري.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 7 ]
سَندو اَکِيُنِ آبُ، پَھَڻَ ٿو پُرزا ڪَري.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 7 ]
اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، رُپي جِي رَئِي،
اَسِين جاڳِياسُون جَنِ لَئِي، سُتا سي پَئِي،
اَکِيُنِ آبُ وَھِي، پَٿَرُ سَڀَ پُسايو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 34 ]
اَسِين جاڳِياسُون جَنِ لَئِي، سُتا سي پَئِي،
اَکِيُنِ آبُ وَھِي، پَٿَرُ سَڀَ پُسايو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 34 ]
آءُ لانگوٽِئا لالَ، ڪَنھِن پَرِ ڏِٺَئِي گُجَرِيُون،
آبُ اَرَتِي گاڏَئُون، لُڙِڪَ وَھائِيين لالَ،
ڏِٺِئِي جٖي جَمالَ، سي سامِي ڪوھُ نَہ سَلائِيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 15 ]
آبُ اَرَتِي گاڏَئُون، لُڙِڪَ وَھائِيين لالَ،
ڏِٺِئِي جٖي جَمالَ، سي سامِي ڪوھُ نَہ سَلائِيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 15 ]
سوڍا سُورَ سُڪايُون، اَکِيُون آبُ نَہ ڪَنِ،
راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، وِڏُوڻِيُون وَتَنِ،
سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جٖي تو سوڍا سُورِيءَ چاڙِھيُون.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 8 ]
راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، وِڏُوڻِيُون وَتَنِ،
سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جٖي تو سوڍا سُورِيءَ چاڙِھيُون.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 8 ]
English Meaning
Water, aqua, temper, tear