آبَ جي سنڌي معنيٰ
پاڻي، نِيرُ، جَلُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Qater, aqua, temper, tear.
آبَ جا بيتن ۾ حوالا
لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ ، جِتي اَتُ نَہ آبَ جو،
اَلا اُتِ مَ اولِيين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،
جوکو ٿِئي مَ جَڙاوَ کي، ڦَرَھي اَچي مَ ڦيٽَ،
لَڳي ڪامَ لِپيٽَ، شَلَ غَرِيبي غُرابَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 10 ]
اَلا اُتِ مَ اولِيين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،
جوکو ٿِئي مَ جَڙاوَ کي، ڦَرَھي اَچي مَ ڦيٽَ،
لَڳي ڪامَ لِپيٽَ، شَلَ غَرِيبي غُرابَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 10 ]
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ،
جٖي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 14 ]
جٖي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 14 ]
اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ،
جي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙا رَکِين باجَهہ ۾.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 19 ]
جي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙا رَکِين باجَهہ ۾.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 19 ]
ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ جَرَ واڳُون جهائِين،
پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَھَ سِرِ وِڌائِين،
لَهرِيُون لَنگهِيائِين، لُطِفَ ساڻُ، لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 1 ]
پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَھَ سِرِ وِڌائِين،
لَهرِيُون لَنگهِيائِين، لُطِفَ ساڻُ، لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 1 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڀِيڙِ اُبَتِي ڀَتِ،
آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ کپَتِ،
ساھَڙَ ڪَري سُپَتِ، اُونِهي مان اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 16 ]
آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ کپَتِ،
ساھَڙَ ڪَري سُپَتِ، اُونِهي مان اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 16 ]
ڪا جَا ڪُنَ ڪَرِينِ، ڀِنِيءَ ڀُڻِ جُهڻِ پاڻَ ۾،
آڌِي اُنهِينءَ آبَ کي، اَکِيُون اُڪيرِينِ،
توڙي تِڪُون ڏِينِ، تَہ اُڃَ اُنَ کي نَہ لَھي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 21 ]
آڌِي اُنهِينءَ آبَ کي، اَکِيُون اُڪيرِينِ،
توڙي تِڪُون ڏِينِ، تَہ اُڃَ اُنَ کي نَہ لَھي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 21 ]
چِيھو چُکِيءَ ڪَنڌيين، ڪِئائِين گَڙنگَ تي گُلَ،
ھَڏا ڪُٽِئان ھَليو، ڀَري تَرايُون تَلَ،
آسدِي آبَ اُڇَلَ، مَٿي باغَ بَھارُ ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 4 ]
ھَڏا ڪُٽِئان ھَليو، ڀَري تَرايُون تَلَ،
آسدِي آبَ اُڇَلَ، مَٿي باغَ بَھارُ ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 4 ]
ڏيئِي ريجُ رائُڪَ کي، ڪِيائين لُوتِڙيءَ تي لَلَ،
ڏَلهي ڇَڏِيائِين ڏَڙَه کي، پَئي ڀَريائِين پَلَ،
آندِي آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي مِينھَنِ کي.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 15 ]
ڏَلهي ڇَڏِيائِين ڏَڙَه کي، پَئي ڀَريائِين پَلَ،
آندِي آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي مِينھَنِ کي.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 15 ]
پَٽِيھَلَ تو ۾ پُورُ، اَڳِيُون نَہ آھي آبَ جو،
سُڪِين ڪِھَڙي سُورِ، وارِي پييَئِي وِچَ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 11 ]
سُڪِين ڪِھَڙي سُورِ، وارِي پييَئِي وِچَ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 11 ]
مارُوئَڙا ٿَرَ جَهلَ، يااللهَ،
مِينھَن وَسائِين گُوندَرَ لاھِين،
نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، اَچي آبَ اُڇَلَ.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 24 ]