آتِش جي سنڌي معنيٰ
آڳ، آگ، باھ، ڄيرو. ڪاوڙ، غصو، چِڙ. تپش دل جي، سوزُ، درد. گرمي، حرارت. ترشنا، اُڃَ، اُساٽَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fire, anger, burning, pain, thirst, lust, passion
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
آتِش جا بيتن ۾ حوالا
کاڻا کُوري وِچَ ۾، وِئا پَتَنگَ سَڀَ پَچِي،
اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي،
موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي خاڪِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 7 ]
اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي،
موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي خاڪِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 7 ]
نِسوروئي ”ناھِ“ جِي دِلِ ۾ دُونھِين پاءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
جَا آديسِي عِشقَ سين، سا لاھُوتِي لاءِ،
جِندا تِيئَن جاڳاءِ، جِيئَن سا آتِش آبُ ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 18 ]