ڪَٽُ جي سنڌي معنيٰ
زَنگُ، زنگارُ، ڪَسُ، ڪَسُ ٽامي وغيرہ جي ٿانوَن جي سانواڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rust. A black die made from iron, acrimony.
ڪَٽُ جا بيتن ۾ حوالا
لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ،
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]
سَرَھا ڏِٺَمِ سي، جَنِ جِي ساڃاءِ سِراڻِيَنِ سين،
تيغَ تَنِي جي کي، ڪَٽُ نَہ چَڙِهي ڪَڏِھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 19 ]
تيغَ تَنِي جي کي، ڪَٽُ نَہ چَڙِهي ڪَڏِھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 19 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ،
سِرُ سُورِيءَ ڌَڙُ ڪُنگِرين، مَڇُڻ ڪُڇين ڪَٽُ،
عِشقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَوي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 15 ]
سِرُ سُورِيءَ ڌَڙُ ڪُنگِرين، مَڇُڻ ڪُڇين ڪَٽُ،
عِشقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَوي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 15 ]
وِئا سي وِينجهارَ، ھِيرو لالُ وِينديِن جٖي،
تَنِي سَندا پويان، سِيھي لَھَنِ نَہ سارَ،
ڪُٽِينِ ڪَٽُ لُھارَ، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيِين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 17 ]
تَنِي سَندا پويان، سِيھي لَھَنِ نَہ سارَ،
ڪُٽِينِ ڪَٽُ لُھارَ، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيِين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 17 ]
ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو پِئو ڀُرِي،
سارَ ڇَڏِيائُون سِيرَ ۾، ڪا ٻانھُنِ کي ٻُرِي،
لَٽي لَهرِيُون وييُون، چَوڌارِي چُرِي،
ھِينئَڙي مَنجِهہ ھُرِي، ماھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 15 ]
سارَ ڇَڏِيائُون سِيرَ ۾، ڪا ٻانھُنِ کي ٻُرِي،
لَٽي لَهرِيُون وييُون، چَوڌارِي چُرِي،
ھِينئَڙي مَنجِهہ ھُرِي، ماھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 15 ]
ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو پِئو ڀَڄِي،
ماھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي، مَنجِهہ وُجُودَ وَڄِي،
ساھَڙَ کي سَڄِي، آکي جي اَحوالَ جِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 16 ]
ماھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي، مَنجِهہ وُجُودَ وَڄِي،
ساھَڙَ کي سَڄِي، آکي جي اَحوالَ جِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 16 ]
ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو سَھي نَہ ڀَرُ،
ھَٿين پيرين آڱُرِيين، ٻانھُنِ ڇڏِئو ٻَرُ،
ساھَڙَ سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنھِن مَھِراڻَ جي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 17 ]
ھَٿين پيرين آڱُرِيين، ٻانھُنِ ڇڏِئو ٻَرُ،
ساھَڙَ سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنھِن مَھِراڻَ جي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 17 ]
پِرِينءَ پَسايو پانھِنجو، نِظارو ناگاھَ،
لَٿِي ڪَٽُ قُلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واھَ،
اُمِيدُون اَرواحَ، پِيَ پَسَندي پُنِيُون.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 5 ]
لَٿِي ڪَٽُ قُلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واھَ،
اُمِيدُون اَرواحَ، پِيَ پَسَندي پُنِيُون.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 5 ]
سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَسَڻَ آيُون،
کِوَڻِيُنِ مُون خُوشِ ڪِئو، جي ڪَڪَرَ ۾ ڪاري،
جُهڙَنِ جُهونگاري، لاٿو ڪَٽُ قُلُوبَ تان.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 7 ]
کِوَڻِيُنِ مُون خُوشِ ڪِئو، جي ڪَڪَرَ ۾ ڪاري،
جُهڙَنِ جُهونگاري، لاٿو ڪَٽُ قُلُوبَ تان.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 7 ]
تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا تُنھِنجو ڍَٽُ،
پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 2 ]
پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 2 ]
English Meaning
Rust. A black die made from iron, acrimony.