ڌَڙَ جي سنڌي معنيٰ
سِر کان سواءِ بدن، ڍڍري، ڍَڍَرُ، ڀَڀَرُ، لوٿُ لاش، جسم، بدن، بت.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Trunk, torso, body without head
ڌَڙَ جا بيتن ۾ حوالا
وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ ڪِئا اَڌَ،
سي ڌَڙَ پَسي سَڌَ، ڪَنھِن اَڀاڳِيءَ نَہ ٿِئي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 7 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، اَچي پيرَ پئانِ،
سِرَ وَڍَڻُ ڌَڙَ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِي سِينگارَ سَندانِ،
ڏِيندا مُون ڏِٺانِ، مَٿا، مَحبُوبَنِ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 14 ]

بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرِين، کَڙڳَ کِلوِلِ ڪَنِ،
وِجَهنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، ھاڪارِينِ ھَڻَنِ،
ڪِرَنِ ڪُونڌَ نَچَنِ، رِڻُ گَجِئو راڙو ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 14 ]

پاڪَ جَنِي جا پيرَ، کَٽان ھيٺِ نَہ ھيرُئان،
ٿَنڇَ تَرارِيُنِ تِڇِئا، ڇَڻِئو پُونِ ڇُڳيرَ،
ڌَڙَ تَنِي جا ڍيرَ، ڳِجَهڙِيُنِ ڳَرِ لايا.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 6 ]

جُهولي جُهڻِڪَ جُهِني ڪِي، ويٺِي ٻُڪي ٻاڦَ،
آيَمِ تَنِ اُٺَنِ سين، جَنِ جا پيرَ ڌُڌا ڌَڙَ دافَ،
لَنگهِئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، توڏا تَڙٻنگَ تافَ،
ٻِي ڪيرَ لَنگهِيندِي ڪافَ، ھِيءُ بَرُ بِرَھمَڻِ باسِئو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 13 ]

سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا،
وَمَ وِھاٽِي ووڙي، ڪوھِيارِي ڪِڙڪَ،
ڌَڙَ ڌُوڻِئو تَنھِن ڌَڪَ، جَڏِي جِيئَڻُ نَہ ٿِيي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 7 ]

ڌَڙَ تي دُونھَن جِيئَن، سِرَ ڀَرِ سُپَيرِيَن ڏي،
لَڳو وانءُ لَطِيفُ چئَي، تَنَ پِريان جي تِيئَن،
تَہ حاصِلُ ٿِئي اِيئَن، قَرِينُو قَرِيبَ جو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 12 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سِنڱي سالَ وَڄاءِ،
مالا ڦيرِجِ مَنَ ۾، ڌَڙَ کي ڌُوڙِ مَ لاءِ،
ويراڳَڻِ وُجُودَ، کي، صَبُرُ جِي سَھاءِ،
تَہ سامِيَڙا سَندِياءِ، گُرَ وَٽِ گِلا نَہ ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 5 ]

سِرَ جُدا ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِي جا ديڳِ ۾،
سي مَرُ ڪَنِ پَچارَ، حاضُرُ جَنِي ھَٿَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 27 ]