ڌَڙُ جي سنڌي معنيٰ
سِر کان سواءِ بدن، ڍڍري، ڍَڍَرُ، ڀَڀَرُ، لوٿُ لاش، جسم، بدن، بت.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Trunk, torso, body without head
ڌَڙُ جا بيتن ۾ حوالا
ڌَڙُ ڍُونڍِيان سِرُ نَہ لَھان، سِرُ ڍُونڍِيان ڌَڙُ ناھِ،
ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، وِئا ڪَپِجِي ڪانھَن،
وَحدَتَ جي وِھانءِ، جٖي وِئا سي وَڍِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 13 ]
ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، وِئا ڪَپِجِي ڪانھَن،
وَحدَتَ جي وِھانءِ، جٖي وِئا سي وَڍِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 13 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ،
سِرُ سُورِيءَ ڌَڙُ ڪُنگِرين، مَڇُڻ ڪُڇين ڪَٽُ،
عِشقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَوي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 15 ]
سِرُ سُورِيءَ ڌَڙُ ڪُنگِرين، مَڇُڻ ڪُڇين ڪَٽُ،
عِشقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَوي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 15 ]
ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا،
ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ ري، ھَڏِ نَہ ساھَ سَري،
جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکرِي ڏُکَ ڏَرِي،
آءُ اوراھُون سُپِرِين وَڃُ مَ پِيَ پَري،
مُون ڏِٺِي مُون وِسَھو، وِرِچِي تان نَہ وَري،
ڏُکِيءَ جَي ڏيکارِيين، ڌَران مُنھَن مَري،
پِيالي پِرِيَنِ جي، موھِيَسِ ميٺَ کَري،
آرِيءَ جِي عِشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري،
توکي توءِ نَہ ڇَڏيان، جَي وَڃان ڀُون تَري،
ڌَڙُ وِجَهندِيَسِ ڌُوڙِ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري،
ھَلَڻُ سُڻِي ھوتَ جو، ڏُکِي پَسُ ڏَري،
پِرِين کَڻِجِ پانھِنجُون، اَکِيُون ٻاجَهہ ڀَري.
[ سُر حسيني، وايون، 32 ]

رَتُ سِرڪِي نِڱِئو،ڏيئِي سورَٺِ مَهِندان سَٽَ،
ڌَڙُ ڌُٻِي پِئو پَٽ تي، مَٿو مَٿان کَٽَ،
آيو سو اُلَٽَ، راڻِيُون جَنھِن رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 15 ]
ڌَڙُ ڌُٻِي پِئو پَٽ تي، مَٿو مَٿان کَٽَ،
آيو سو اُلَٽَ، راڻِيُون جَنھِن رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 15 ]
راڻي رِڻُ ڪِئو، جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ سين،
مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو،
ٻُجهان ٻَھَرِ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ اَڳِيين.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 12 ]
مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو،
ٻُجهان ٻَھَرِ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ اَڳِيين.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 12 ]
سوڍي سِرُ نِيو، ھِتِ ڪَرنگهَرُ سَکِڻُو،
راڻِي جِيءَ رِھاڻِ کي، پَچي تَنَ پِئو،
مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو،
پَسان ڪِينَ ٻِئو، تَنھِن ريءَ اَکَڙِيُنِ سين.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 16 ]
راڻِي جِيءَ رِھاڻِ کي، پَچي تَنَ پِئو،
مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو،
پَسان ڪِينَ ٻِئو، تَنھِن ريءَ اَکَڙِيُنِ سين.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 16 ]
اچِي پَسو جيڏِيُون، جيڪِي رائي راتِ ڪِئو،
لَڳِئَمِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو،
سوڍي سِرُ نِيو، نا تَہ مُون پُڻ گَهڻا گهائِيا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 19 ]
لَڳِئَمِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو،
سوڍي سِرُ نِيو، نا تَہ مُون پُڻ گَهڻا گهائِيا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 19 ]
سِرُ تانسِيئنءَ نَہ ڏِيان، حَمِيراڻا ٻارَ،
مُون وَٽِ مَھائِي گَهڻا، تُون ڪَرِ مِيرَ ٿَھارَ،
اُڇَلي عِراقِيَنِ سين، ڌَڙُ ڪَندوسين ڌارَ،
رِڻمَلُ رَبَ اَھارَ، ٿو سَمُو سونَهرِي ھَڻي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 15 ]
مُون وَٽِ مَھائِي گَهڻا، تُون ڪَرِ مِيرَ ٿَھارَ،
اُڇَلي عِراقِيَنِ سين، ڌَڙُ ڪَندوسين ڌارَ،
رِڻمَلُ رَبَ اَھارَ، ٿو سَمُو سونَهرِي ھَڻي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 15 ]
اُوٺِي مَٿي لَڪَ، مُون ٻاروچا ڀانيا،
تازو پيرُ پُنهونءَ جو، نَہ ڪَنھِن جهورِئو جَهڪَ،
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ڌَڙُ ڌُڻِئو تَنھِن ڌَڪَ،
ڪانُ ڪوھِيارِي جو ھَنيو، رُئاڙِيُسِ اُنَهِيءَ رُڪَ،
آگا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون کي ھادِي ميڙِيين حَقَ.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 26 ]