چُوَنِ جي سنڌي معنيٰ
چون، ٻڌائين، آکين، سڻائين، راز يا ڳالهہ ٻڌائن
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tell, say, inform, ask
چُوَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڌُونگَرِين، پَسو پِٽُون پُونِ،
ڏاري جو ڏُونگَرَ کي، سو ڪِي چَيو چُوَنِ،
آرِيءَ جي اَفسوسَ ۾، ماڻُهو مِرُون رُونِ،
اِنَ پَرِ سيئِي ھُونِ، ھِينئَڙا جَنِ ھَڄِي وِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 12 ]
ڏاري جو ڏُونگَرَ کي، سو ڪِي چَيو چُوَنِ،
آرِيءَ جي اَفسوسَ ۾، ماڻُهو مِرُون رُونِ،
اِنَ پَرِ سيئِي ھُونِ، ھِينئَڙا جَنِ ھَڄِي وِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 12 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ گهُونا گهُونِ ،
ليڙَنِ جُون لَطِيفُ چئَي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ،
جَنِ ڏِٺو پيرُ پِرِينءَ جو، سي نَڪِي رُونِ نَہ چُوَنِ،
ھُوندَنِ مَٿي ھُونِ، لاڳاپا ھِنَ لوڪَ جا.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 1 ]
ليڙَنِ جُون لَطِيفُ چئَي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ،
جَنِ ڏِٺو پيرُ پِرِينءَ جو، سي نَڪِي رُونِ نَہ چُوَنِ،
ھُوندَنِ مَٿي ھُونِ، لاڳاپا ھِنَ لوڪَ جا.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 1 ]
ڏُکِي ڏُونگَرُ پاڻَ ۾، ٻَئِي ويٺا رُونِ،
ڪَنھِن کي سو نَہ چُوَنِ، مَنجِهنِ جو پِريتَڻُو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 20 ]
ڪَنھِن کي سو نَہ چُوَنِ، مَنجِهنِ جو پِريتَڻُو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 20 ]
سَرَتِيُون سُوريتِيَنِ جي، ڪوھُ ٿِيو پَٿَرِ پُونِ،
گهاءُ نَہ لَڳُنِ گَهٽَ جو، رِياءَ مان ٿِيُون رُونِ،
چيتارِئو نَہ چُوَنِ، پارَ مُنھِنجي پِرِينءَ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 31 ]
گهاءُ نَہ لَڳُنِ گَهٽَ جو، رِياءَ مان ٿِيُون رُونِ،
چيتارِئو نَہ چُوَنِ، پارَ مُنھِنجي پِرِينءَ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 31 ]
ھُوءَ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تَنھِن کي چَرِي چُوَنِ،
اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، ھوتَ پُڄاڻا ھُونِ،
پَرا تَنِي پُونِ، ڏِٺو جَنِ اَکِيُنِ سين.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 16 ]
اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، ھوتَ پُڄاڻا ھُونِ،
پَرا تَنِي پُونِ، ڏِٺو جَنِ اَکِيُنِ سين.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 16 ]
اَچِئو اَچِئو چُوَنِ، وِھُ وِئا تَہ گهورِئا،
سَرَتِيُنِ سانگُ سُکَنِ سين، مُون جِيئَن رَتُ نَہ رُونِ،
اُوءِ مَرُ ويٺِيُون ھُونِ، مُون ساگاتُو سُورَ ٿِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 19 ]
سَرَتِيُنِ سانگُ سُکَنِ سين، مُون جِيئَن رَتُ نَہ رُونِ،
اُوءِ مَرُ ويٺِيُون ھُونِ، مُون ساگاتُو سُورَ ٿِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 19 ]
سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، وِچِينءَ ويٺا ھُونِ،
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، راوَلَ رَتو رُونِ،
وِھاڻِيءَ واٽنِ تي، پاسا کوڙِئو پُونِ،
مَھيسِي مُنھُن پانھِنجو، ڌاران ڌُوڙِ نَہ ڌُوَنِ،
اِيئَن ڪَنھِن کي نَہ چُوَنِ، تَہ آديسِي آھِيُون.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 8 ]

اَچِئو اَچِئو پُونِ، واڪا ڪِئو وَڻَنِ ۾،
سَنِيھا سيڻَنِ جا، چوٽِيءَ چَڙِهئو چُوَنِ،
ڪانگَ نَہ ڪُوڙا ھُونِ، پِريان سَندي پارَ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 22 ]
سَنِيھا سيڻَنِ جا، چوٽِيءَ چَڙِهئو چُوَنِ،
ڪانگَ نَہ ڪُوڙا ھُونِ، پِريان سَندي پارَ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 22 ]
ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، چَلَڻَ جُون ٿا چُوَنِ،
سِڱِيُون سَناسِيَنِ جُون، وَڃِئو پُورَڀِ پُونِ،
جوڳِي ھِتِ نَہ ھُونِ، ڪِينَ ٽِڪَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 3 ]
سِڱِيُون سَناسِيَنِ جُون، وَڃِئو پُورَڀِ پُونِ،
جوڳِي ھِتِ نَہ ھُونِ، ڪِينَ ٽِڪَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 3 ]
آيَلِ اُنِ نَہ وِسَھان، ھَنجُون جٖي ھارِينِ،
آڻِئو آبُ اَکِيُنِ مان، ڏيھَ کي ڏيکارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، سي نَہ رُونِ نَہ چُوَنِ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 22 ]
آڻِئو آبُ اَکِيُنِ مان، ڏيھَ کي ڏيکارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، سي نَہ رُونِ نَہ چُوَنِ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 22 ]
English Meaning
Tell, say, inform, ask