چَوَنِ جي سنڌي معنيٰ
سڏين، ٻُڌائن، آکين، سُڻائن، پُڇن، ڪوٺينِ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tell, say, ask, call
چَوَنِ جا بيتن ۾ حوالا
وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين،
شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي،
بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن، ٻَران شالَ اُجَهامِي،
پِرتِ جا پِيتَمِ جِي، ڪِينَ پَرُوڙي عامِي،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جو، دَردُ آھِ دَوامِي،
ھيڪاندِي ٿيِندِيَس ھوتَ سين، آڌِيءَ اُڏامِي،
آھِيان يارُ سَيِّدَ جو، ڪانَہ رَھِي ڪا خامِي،
ھُو جو لَنئُن لَطِيفَ جو، مُون کي آھِ مُدامِي،
روشَنُ ٿِئا رُڃنِ ۾، جٖي ھُئا ھِنَ لَي جِي لامِي،
آيَمِ تَنھِن لوڪَ سين، جٖي سيما چَوَنِ ساھِمِي.
[ سُر کنڀات، وايون، 2 ]

پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ ڌُئَن،
ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ،
ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان جي دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 14 ]

سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، مَرڪُ لَڄايُنِ،
چُپَ سين جٖي چَوَنِ، اَدَبُ ڪِجي اُنِ جو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 7 ]

اللهُ اللهُ ڪَنِ جي، اسِين مُورِ نَہ مَڃِيُون تَنِ،
نَڪِي چَوَنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻانگَ ٻُڌَنِ،
لائي کي لاڪُنِ، آڌُوتِي عَدُمُ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 5 ]

ڪيھِي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اِھَڙِيءَ روشِ رَوَنِ،
نَہ ڪا دِلِ دوزَخَ ڏي، نَڪو بِهشِتُ گُهرَنِ،
نَڪو ڪَمُ ڪُفارَ سين، نَہ ڪا مُسلِمانِي مَنِ،
اُڀا اِيئَن چَوَنِ، پِرِين ڪِجان پانھِنجو.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 15 ]

ڪَڍِي ڪانگا تو ڏِيان، ھِنيُون ساڻُ ھَٿَنِ،
وَڃِي کاءُ وِلاتَ ۾، اَڳِيان عَجِيبَنِ،
پِرِين مانَ چَوَنِ، تَہ ھِيئَن قُربانِي ڪيرَ ٿِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 21 ]

مُون کي مُون پِرِيَنِ، ٻَڌِي وِڌو تارِ ۾،
اُڀا اِيئَن چَوَنِ، تَہ مَڇُڻ پاندُ پُسائِيين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 2 ]

زاھِدَ عابِدَ اورِيان، عارِفَ عَينُ مَڱَنِ،
ھُو رَوادارَ رَکَتِ جا، ھِي ھَٿان ھَٿِ گُهرَنِ،
ساعَتَ سالَ چَوَنِ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 24 ]

اَنگَڙِيارو ڪَنجِرو، لوئِي سين لِيڙُنِ،
ھِھَڙو حالُ وَٺِي ڪَري، وَڃان مَنجِهہ ٿَرنِ،
مارُو مانَ چَوَنِ، ھُئِي اَسان جي آسِري.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 19 ]