چُوندو جي سنڌي معنيٰ
چوندو، چئڻ يا آکڻ جي حالت، ٻڌائيندو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Telling, talking, saying
چُوندو جا بيتن ۾ حوالا
ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو،
پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو،
جانِي ھِنَ جَھانَ مان، وَڃُ لاڳاپا لاھِيو،
آگي پَنھِنجي اِحسانَ سين، ٻانَهنِ تي ٻاجهايو،
بابي بِيبِيءَ فاطِمه جي، بارُ سَڀو بَخِشايو،
”نَفسِي نَفسِي“ سَڀَڪو، ڪَھِيو اُتِ ڪَھَندو،
”اُمَتِي يا اُمَتِي“ ڪَھي، رَسُولُ رَبُ سَندو،
نيزي پاندِ نَمِي، اَلا، سَختِي شَمسُ ڪَرِيندو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ تي، حَضَرت ھَٿَ ڌَرِيندو.
[ سُر سريراڳ، وايون، 10 ]

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، چَئِي، چُوندو آءُ،
فَرضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئُون تَرَڪُ مَ پاءِ،
توبَهَ سَندي تَسبِيحِ، پَڙَهڻَ ساڻُ پُڄاءِ،
نِڱا پَنھِنجي نَفسَ کي، ڪا سَئِين راھَ سُونھاءِ،
تَہ سَندي دوزَخَ باھِ، تو اوڏِيائي نَہ اَچي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 26 ]

ڪا جَا ڳالِهہ ھُئِي، ٻاروچي جي مَنَ ۾،
سِرُ سَنگهَرِ پُرِ پَٽِيين، تُون جا لوڪَ سُئِي،
سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين، ڪيرُ چُوندو مُئِي،
پَنڌُ ڪَرِيندي پِرِينءَ ڏي، ڪَڏِھِين ڪا نَہ کُھِي،
آن ڪا ڏِنِي اوٺِيا کيرِنِ پاسِ کُھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 18 ]

جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو رُوندو،
”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو ٿو چُوندو،
ھَڏِھِين نَہ ھُوندو، اُنِهان پوءِ عالَمَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 12 ]

گُرَ جَا ڏِنِيمِ گودَڙِي، ٿِئي لاھِيندي لَڄَ،
سَندا تَنھِن سَھَجَ، چيلي چُوندو ڪيتِرا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 29 ]

اِيءُ نَہ ڀانَنِ ڀيرُ، جِيئَن ڪِيريءَ ٽَنگِيين ڪِينِرو،
سَٻَڙَ جي سَلامَ سين، وِجِهي ويٺين ويرُ،
توکي چُوندو ڪيرُ، ڪِيرَتِ ڌاران مَڱِڻو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 30 ]

اَڙِي مي، سَمي جا سَمگِي، تَنھِن کي ڪيرُ چُوندو مي،
گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيائين مي،
تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني،
ڄارو ڄامَ ڪُلِهي ڪِئو، عِشقُ اِيئَن ڪَري،
سَمي جي سُھاڳَ جو، مِينڍو ڳُتو مي،
جَنِ نَہ وِھارِي وَٽِ ۾، ٿِئَڙا سَلامِي سي،
عالَمُ اِنعامِي ڪِئو، نُورِيءَ نازُ ڪَري.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 1 ]