وَٺِي جي سنڌي معنيٰ
جهٽي، پڪڙي، ڳنهي، حاصل ڪري، لھي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Had, obtained, recieved.
وَٺِي جا بيتن ۾ حوالا
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويھُ ڳَرِي،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندِي دوسِتَ دَرِي،
ٻُڪِي ڏيِندَءِ ٻاجَهہ جِي، ويندَءِ ٺَپَ ٺَرِي،
اَسان تان نَہ سَرِي، تو ڪِيئَن سَرِي سُپِرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 18 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندِي دوسِتَ دَرِي،
ٻُڪِي ڏيِندَءِ ٻاجَهہ جِي، ويندَءِ ٺَپَ ٺَرِي،
اَسان تان نَہ سَرِي، تو ڪِيئَن سَرِي سُپِرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 18 ]
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ سَيرُ،
اَچِي پُڇَندَءِ پاڻِھيِن، پِرِين ڀَري پيرُ،
تَنِ ڀَلَنِ سَندو ڀيرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 20 ]
اَچِي پُڇَندَءِ پاڻِھيِن، پِرِين ڀَري پيرُ،
تَنِ ڀَلَنِ سَندو ڀيرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 20 ]
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ گَهٽُ،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، ڪَلاڙَ ڪو ھَٽُ،
اُڀِجِ وَڃِي اُتَھِين، جِتِ موکِيءَ سَندو مَٽُ،
ڪَري سِرَ جو سَٽُ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 21 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، ڪَلاڙَ ڪو ھَٽُ،
اُڀِجِ وَڃِي اُتَھِين، جِتِ موکِيءَ سَندو مَٽُ،
ڪَري سِرَ جو سَٽُ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 21 ]
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ رَندُ،
پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ،
سَرو اُنِ جو سَڦِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ،
مَتان ڪَڍين ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 22 ]
پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ،
سَرو اُنِ جو سَڦِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ،
مَتان ڪَڍين ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 22 ]
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويھُ دُکاڻُ،
پَئِج پيشِ پِرِيَنِ جي، پِٽي وِجِهي پاڻُ،
تَہ تُون تَنِي ساڻُ، سَدا ھُئَين سُرخُرُو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 23 ]
پَئِج پيشِ پِرِيَنِ جي، پِٽي وِجِهي پاڻُ،
تَہ تُون تَنِي ساڻُ، سَدا ھُئَين سُرخُرُو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 23 ]
دَنگِيءَ ۾ داڻا، وَٺِي وِجُهہ وَکَرَ جا،
وِيرِ وِڙَھِندَيِئِي ويسَرا، ويھُ مَ ويڳاڻا،
ھِيءَ نِنڊَ نِڄاڻا، ڪَڏِھِين ھَڻَندَيِئِي تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 13 ]
وِيرِ وِڙَھِندَيِئِي ويسَرا، ويھُ مَ ويڳاڻا،
ھِيءَ نِنڊَ نِڄاڻا، ڪَڏِھِين ھَڻَندَيِئِي تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 13 ]
ٿا صَرافَ سُڄَنِ، پاڻُ ڪوٺائِين جَوھَرِي،
ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وَٺِي وَٽِ تَنِ،
تَہ سَندُسِ سَيِّدُ چئَي، ڪِھَڙو قَدُرُ ڪَنِ،
ڪِ پاڻِيَٺُ ئِي پَرِکَن، ڪِ ڪَئِنچَلُ گَڏُيِنِ ڪَچَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 19 ]
ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وَٺِي وَٽِ تَنِ،
تَہ سَندُسِ سَيِّدُ چئَي، ڪِھَڙو قَدُرُ ڪَنِ،
ڪِ پاڻِيَٺُ ئِي پَرِکَن، ڪِ ڪَئِنچَلُ گَڏُيِنِ ڪَچَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 19 ]
سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَٺِي آيُون،
اُڃِيا لَکَ لَطِيفُ چئَي، پَلُرُ پِياري،
وِڄَڙِيُنِ واري، ڪَعبي تي ڪَرَ نايا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 8 ]
اُڃِيا لَکَ لَطِيفُ چئَي، پَلُرُ پِياري،
وِڄَڙِيُنِ واري، ڪَعبي تي ڪَرَ نايا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 8 ]
چُڪَسِ سَڀَ چَئِي، ماڻُهو شَھَرَ ڀَنڀورَ جا،
سا موٽِي ڪِيئَن مُئِي، جَنھِن جو جانِبُ جَتَ وَٺِي وِئا.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 21 ]
سا موٽِي ڪِيئَن مُئِي، جَنھِن جو جانِبُ جَتَ وَٺِي وِئا.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 21 ]
صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، وَٺِي آئُون ويٺِي،
ڏُکِيءَ سين ڏيٺِي، ڪا ڪِجِ اَچِي ڪَڏِھِين.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 11 ]
ڏُکِيءَ سين ڏيٺِي، ڪا ڪِجِ اَچِي ڪَڏِھِين.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 11 ]
English Meaning
Had, obtained, recieved.