مَلاحَنِ جي سنڌي معنيٰ
ٻيڙيائتن، ڪشتي بانَن، ناکُئن، ناخدائن. ميربحرن، مُھاڻن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fishermen, sails, boatmen, name of a caste.
مَلاحَنِ جا بيتن ۾ حوالا
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ،
نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ،
دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،
وَڏا ٻيڙا ٻارَ ۾، ھَلِئا ھيٺِ وَڃَنِ،
پُرِزو پَيدا نَہ ٿِئي، ڪو تَختو مَنجهان تَنِ،
ڪو جَو قَھَرُ ڪُنَ ۾، وِئا سي نَہ وَرَنِ،
اُتي اَتارُنِ، اَچِي ساھَڙَ سِيرَ لنگِهائِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 15 ]

اُڀو تَڙِ ميھارُ، مَلاحَنِ سَڏَ ڪَري،
آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو ڄارُ،
گهورِيُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِڙَنِھَئُون سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 4 ]

اُڀو آڇي اَڇَ، ميھارُ مَلاحَنِ کي،
آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو رَڇَ،
ڪَنڌِيءَ ڪُنَ ڪُڙِڇَ، مَنَ ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 5 ]

اُڀو ڪَري سَڏَ، ميھارُ مَلاحَنِ جي،
اَدا اِنَهِيءَ پارَ جا، مُوڙي اَچو مَڏَ،
وِئا جٖي وَھَ گَڏَ، سي ھَلو تَہ ڏورِيُون سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 6 ]

ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾،
کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ،
آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ ڪَپارِ،
مُون سُئو مَلاحَنِ کان، تَڙَ اَڙانگا تارِ،
پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، پِرِين تُنھِنجو پارِ،
کُوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون، ڏيراڻِيون ڏُئَارِ،
ھوتُ ھَلَندِنِ کَٽِئو، وِھَڻُ مُنڌَ وِسارِ،
ويندي واٽاڙُوئَن کي، پَٽِيءَ ڪِيمَ پَچارِ،
پُوندِيئَن مُنھِن، ميھارَ جي، ڏَمَ وَٽِ ڏِينھُن مَ گهارِ،
ساھَڙَ کي سُڻُ سُهڻِي ٻِڇَلِ آڏِي ٻارِ،
تارِ تَرَندِينءَ لُڙُ لَنگهَندينءَ عِشقَ جي آڌارِ،
پاندُ مَ ڇَڏجِ پِرِينءَ جو، پِھِين جي پاتارِ،
ٿِيندُءِ سَڏُ ساھَڙَ جو، توڏِي ٿِيءُ تيارِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 16 ]

ڍورُ نَہ اڳِيئَن ڍارَ، مَھِندِ مَلاحَنِ لَکِئو،
موڙي چُرِئا مَڪُرا، پَسِي پاڻِيءَ پارَ،
جَسودَنَ جِھَڙا يارَ، پِئا ويرَ وِماسَ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 8 ]

تَرِيُون پَسان نَہ تارِ ۾، جُهڳا جاءِ نَہ ڪَنِ،
مادَرِ مَلاحَنِ، ماڳِ نَہ ڍويا مَڪُڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 5 ]
مادَرِ مَلاحَنِ، ماڳِ نَہ ڍويا مَڪُڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 5 ]
ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، گهاتُو ڪَري گهُورَ،
مادَرِ مَلاحَنِ جا، ويٺِي سَھان سُورَ،
مُون کي ڪَري مَلُورَ، اُونِهي وِئَڙا اوھَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 7 ]

گهورِيندي گهورِ پِئا، اَگهورُ گهورِئائُون،
مَيگَرُ مارِئائُون، مَلاحَنِ مُنھَن سَنِرا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 16 ]

جان واھُڙَ ۾ وَھُ، تان تُون مَڇَ نَہ موٽِئو،
ڪائي ۾ ڪوھُ ڪَرِيين، پوءِ موٽَڻَ جو پَھُ،
سِرَ مَٿي تُون سَھُ، مَهميزُون مَلاحَنِ جُون.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 20 ]