شيرَ جي سنڌي معنيٰ
جهنگ جو بادشاھ جانور، شِينھُن، اسد. صفت. سورهيہ، سورمو. پھلوان، طاقت وارو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The lion.
شيرَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪا جَا ڍَرِي ڍُنگَرِي، ڪو جو وَرِئو واءُ،
اَڀَنِ ۾ اوسُ پِئو، ڇَپَر چَڙِھئو شاھُ،
عَلِيءَ شيرَ وِياءَ، رِڻُ ۾، پييَنِ راتِڙِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 7 ]
اَڀَنِ ۾ اوسُ پِئو، ڇَپَر چَڙِھئو شاھُ،
عَلِيءَ شيرَ وِياءَ، رِڻُ ۾، پييَنِ راتِڙِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 7 ]
آيو عَلِي شيرُ، مَرڪِئو مَدِيني ڌَڻِي،
سُونھاري سَيِّدَ ري، ڪوٽَ ڀَڃَندو ڪيرُ،
شيرَ وَٺِتو ويرُ، پِڙَ ۾ پَوارا ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 4 ]
سُونھاري سَيِّدَ ري، ڪوٽَ ڀَڃَندو ڪيرُ،
شيرَ وَٺِتو ويرُ، پِڙَ ۾ پَوارا ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 4 ]
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگَ جُوانَ،
بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرين، شيرَ وَڏي سان شانَ،
ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئا آسِمانَ،
ڪَرَھَ ھُئِي ڪانَہ، ھو نِظارو نِينھَن جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 5 ]
بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرين، شيرَ وَڏي سان شانَ،
ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئا آسِمانَ،
ڪَرَھَ ھُئِي ڪانَہ، ھو نِظارو نِينھَن جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 5 ]
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا سَيِّدَ شيرَ،
سِجُ اُلَهِي سانجِهي ٿِي، مُنھَن اُونداھِيءَ ميرَ،
ھَڻَنِ ھاتِڪَنِ کي، پانَوَ ڀَري پيرَ،
ماري مِصرِيُنِ سين، ڍُنڍَ ڪِئائُون ڍيرَ،
دَھلِئا اُتِ دِليرَ، پَسِي حَملو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 6 ]

مومِنو ماتامُ واويلا، اَڄُ نَہ آيو اِمامُ، ھَئَي واويلا،
دُلدُل گهوڙو گهوٽَ جو، مَٿِسِ لالَ پَلاڻِي،
شيرَ شَهزادي لَڏِئو، سَيِّدَ سيجَ نَہ ماڻي،
اَنُ نَہ پاڻِي اُنِ کي، نَڪو وَٺَڙُنِ مِينھُن،
ھُئا سَٽاڻِيءَ جَنگِ ۾، ڏَھَ راتِيُون ڏَھَ ڏِينھَن.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 4 ]

ڪَربَلا ڪَڪَورِي، دُلدُل رَتا پيرَ،
سَٽُون ڏِيندي شيرَ، مَٿان سِجُ مُرڪِئو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 12 ]
سَٽُون ڏِيندي شيرَ، مَٿان سِجُ مُرڪِئو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 12 ]
مَدِيني جا شيرَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا،
ڀَرِ مُبارَڪَ پيرَ، عاصِي تُنھِنجي آسِري.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 15 ]
ڀَرِ مُبارَڪَ پيرَ، عاصِي تُنھِنجي آسِري.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 15 ]
جِئان ڏِنائُون پيرَ، جِئان ڏِنائُون پيرَ،
مَٿي اَڱَڻَ آئِيا، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ،
جِئائِين نَبي نِڱِئو، ڀَري مُبارڪَ پيرَ،
ساري شفِيعَ ڄامَ کي، ھِينئَڙي لَڳِي ھيرَ،
ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، اَچِي عَلِيءَ شيرَ،
لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا، ٿِي واڌائِيءَ ويرَ.
[ سُر بلاول، وايون، 2 ]