سِيلُ جي سنڌي معنيٰ
سٺي چال، ست گڻ. عصمت، آبرو. پاڪدامني، سَتُرُ، پرهيزگاري، ڀَرمُ، پَتَ. ناموس، نيڪ رهڻي، سُپَتِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Good conduct or disposition, uprightness, honor, virtue, chastity.
سِيلُ جا بيتن ۾ حوالا
کَٿِيءَ مَنجِهہ کَٽِيائِين، لوئِيءَ ۾ لَڌائِين،
مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو،
پَرَچِي پَنوَهارَنِ سين، لوئِي ڏيجُ لَڌائِين،
سِيلُ نِباهِيين سُومَرا، پَنھِنجو پِيءُ پُڇِيائين،
جُهوپو جهانگِيڙنِ جو، ماڙِيءَ سين نَہ مَٽِيائِين،
گولُون گولاڙَنِ تان، جَنپي ساڻُ جَهٽِيائِين،
سَڱَرُ ساهيڙِيَنِ سين، کاٽُونبا کاڌائِين،
مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، چَسا سَڀَ چَکِيائِين،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سِيلُ نِباهِيين تُون سائِين.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 12 ]

جَو ڏيھَ ڏاڏاڻا آيو، ڏِنُمِ تَنھِن طَعنو،
پائي ويھُ مَ پَلَنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو،
مَٿان لَڪَ لَطِيفُ چئَي، کاءُ مَ خَرانو،
سَرَتِنِ سِيلُ چَوايو، جورِ ھَڻِي جانو،
تو سَڏُ سَمانو، حَرَفَ لَٿي ھيڪَڙي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 2 ]

ڪو ڏِينھُن آھِين ڪوٽَ ۾، لوئِي ھَڏِ مَ لاھِ،
ڪامِڻِ آنھِنجي ڪُرَ جِي، آڏِ وَڏائِي آھِ،
ھِتِ مَ پارِجِ ھيڪِڙو، پائُرَ جو پَساھُ،
سَتي سِيلُ نِباھِ، مَلِيرِ ويندِينءَ مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 7 ]

سَرَتِيُنِ سَختُ چَوايو، سِيلُ جَنِي جو سَچُ،
سَتِي تُنھِنجي سَتَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، پَر ۾ ويٺِي پَچُ،
ساڻُ اَمانَتَ اَچُ، تَہ ٿِيين سَمانِي ساڻيھَ ۾.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 18 ]

ساھيڙِيُون سارِينِ تو، سِيلُ جَنِي جو سَچُ،
مارُوءَ ريءَ مَ مَچُ، شِيھو ڀانِئجِ سونَ کي.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 19 ]

سي ساھيڙِيُون سارِينِ تو، سَچُ جَنِي جو سِيلُ،
نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ، اُنِين جي اَدَبَ ۾.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 20 ]

تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرورِ،
سُومَرا سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِنِ جو،
ڏِينھَن ڏُھلا ڀانيان، پَھسَ پِريان جي پُورِ،
اُڀِي اَرداسُون ڪَري، حَمِيراڻي حُضُورِ،
مُون کي ويلَ نَہ وِسَري، مارُوءَ سَندِي مُورِ،
سانبِي سارِئَمِ سُومَرا، ڏيھِي وِئَڙا ڏُورِ.
[ سُر مارئي، وايون، 9 ]

جانۡ ڪو سَتِنِ سِيلُ، تانۡ ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾،
سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نَہ نِيرُ،
جِيئَن اُوءِ اَبُرَ آسِري، تِيئَن مُون مَنِ مَلِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 1 ]

سِکو سَڀَ سَرَتِيُون، سِپُنِ مُلا سِيلُ،
ٻِئو مَٽائي نِيلُ، اُڀِيُون اَبُرَ آسِري.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 4 ]

مُنھِنجو مَنُ ماروءَ ڏِٺَڙي رَچي.
اِلاهِي عِنايَتَ سين، سِيلُ نِباهِئو سَچي،
کَنڊون کائِي کِيرَ سين، مارُوءَ ريءَ ڪِيئَنِ مَچي،
مَٿي ماڙِيءَ مارُئِي، لَيءِ پَنوهارَنِ پَچي،
اَچَڻُ وَسِ نَہ مُنھِنجي، جي آڻايوسِ تَہ اَچي،
ڦوڳَ ڦِڪائِي جا ڪِي، ڪُوڙُ ڳالَهايو ڪَچي.
[ سُر مارئي، وايون، 11 ]