رُوحُ جي سنڌي معنيٰ
آتما، جانُ، امر اِلاهي. دِل، قلب، هِردو، هِنيون، هيانءُ، سَت، عرق، ٿڌي ھوا، خُنڪي، ٿڌاڻ. خوشبو. فرحت، تازگي، آسائش. علم حڪمت جي اصطلاح ۾ ”لطيف ٻاڦ“ جا دل ۾ پيدا ٿي باعث حياتي بنجي، نِچوڙ، جوهر، خلاصه، تَت. خواهش، لاڙو، رغبت
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Soul, spirit, essence, quint, essence, life
رُوحُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَڍَ پُنهونءَ جِي ڪاھي، چاٽِيءَ رُوحُ چَرِيو ڪِئو،
اُٿِي ويٺي اوڏَھِين، سُتي پُڻ ساھي،
اَلعِشقُ حِجاب بَينَ العاشِقِ والَمعشُوق ، لا شَڪُ ٿِيءُ لاھي،
آرِياڻِي آھي، ٻِئو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَڪِي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 17 ]
اُٿِي ويٺي اوڏَھِين، سُتي پُڻ ساھي،
اَلعِشقُ حِجاب بَينَ العاشِقِ والَمعشُوق ، لا شَڪُ ٿِيءُ لاھي،
آرِياڻِي آھي، ٻِئو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَڪِي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 17 ]
اَجَلان اَڳي سَسُئِي، مُنڌَ جِيئَريائِي مَرُ،
ٽولِئان تَنھِن مَ ٽَرُ، جَنھِن رُوحُ وِڃايو راھَ ۾.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 6 ]
ٽولِئان تَنھِن مَ ٽَرُ، جَنھِن رُوحُ وِڃايو راھَ ۾.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 6 ]
ڏُھلا مُون ڏِينھَن ٿِئا، پييَمِ ڄامَ ڄَيُون،
ڪَندي پَنڌُ پَھاڙَ ۾، ٿِئَڙُم رُوحُ رَيُون،
لُڇِئو ٿِئام لَطِيفُ چئَي، ڪارَڻِ دوسِتَ دَيُون،
ڀايان لَڪَ لَيُون، جٖي سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 12 ]
ڪَندي پَنڌُ پَھاڙَ ۾، ٿِئَڙُم رُوحُ رَيُون،
لُڇِئو ٿِئام لَطِيفُ چئَي، ڪارَڻِ دوسِتَ دَيُون،
ڀايان لَڪَ لَيُون، جٖي سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 12 ]
ھَلِبو وو ھَلِبو، پُنهونءَ ڪارَڻَ پَٻَ ۾،
ڀُڻِي ڏوونگَرَ ڏورِيان جِيءَ اَندَرِ جَلِبو،
پِريان سَندي پارَ جو، سُورُ تان نَہ سَلِبو،
پَکَي پُنهون ڄامَ جي، رُوحُ وَڃِي رَلِبو.
[ سُر معذوري، وايون، 11 ]
ڀُڻِي ڏوونگَرَ ڏورِيان جِيءَ اَندَرِ جَلِبو،
پِريان سَندي پارَ جو، سُورُ تان نَہ سَلِبو،
پَکَي پُنهون ڄامَ جي، رُوحُ وَڃِي رَلِبو.
[ سُر معذوري، وايون، 11 ]
راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، رُوحُ ڪَري رِيھُون،
باغَ سَڙِي بُٺُ ٿِئا، وَڻَنِ جُون وِيھُون،
ڪاڪِ مَٿي ڪِيھُون، پَسو پَرَڏيھِيَنِ جُون.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 9 ]
باغَ سَڙِي بُٺُ ٿِئا، وَڻَنِ جُون وِيھُون،
ڪاڪِ مَٿي ڪِيھُون، پَسو پَرَڏيھِيَنِ جُون.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 9 ]
سَتين ڏِينھِن سَيِّدُ چئَي، ڌاڳا ڌوئائُون،
اُڀِي الَکَ سامُھِيُون، ٻانھُون ٻَڌائُون،
رُوحُ پَنھِنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون،
وَڏِيءَ ڪَنھِن وِلاتَ جا، اُھِڃَ آندائُون،
کَڻِئو کِڌائُون، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 7 ]
اُڀِي الَکَ سامُھِيُون، ٻانھُون ٻَڌائُون،
رُوحُ پَنھِنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون،
وَڏِيءَ ڪَنھِن وِلاتَ جا، اُھِڃَ آندائُون،
کَڻِئو کِڌائُون، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 7 ]
جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ٺاھِينِ مَڏَ،
پاڻِيءَ ويلَ پَنوھارِيُون، سَرَتِيُون ڪَنِ سَڏَ،
ھِتي مُنھِنجا ھَڏَ، رُوحُ پَنھِنجي راڄَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 23 ]
پاڻِيءَ ويلَ پَنوھارِيُون، سَرَتِيُون ڪَنِ سَڏَ،
ھِتي مُنھِنجا ھَڏَ، رُوحُ پَنھِنجي راڄَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 23 ]
پَکِي مَنجِهہ پَرياڻُ، مارُنِ مِڙِي جو ڪِئو،
ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، وَرِئو ڪو نَہ وَٽانِ،
عُمَرَ اُنِهين ساڻُ، مُنھِنجو وَڃي رُوحُ رِيھُون ڪِئو.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 11 ]
ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، وَرِئو ڪو نَہ وَٽانِ،
عُمَرَ اُنِهين ساڻُ، مُنھِنجو وَڃي رُوحُ رِيھُون ڪِئو.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 11 ]
جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو،
پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ،
پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو اُڀَڙِي چوءِ،
مَٿي ماڙِيءَ مارُئِي، رُئاڙي ۽ روءِ،
راڄُ پَرَتو رَبَ کي، سُومَرا سَندوءِ،
مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، جورِ نَہ ٿِيان جوءِ،
سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ،
ڪَڏِھِين سَئِيسُون ڪانَہ ڪا، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
پانڌِي پَنوَھارَنِ جو، ڪالَهہ نَہ آيو ڪوءِ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، رُوحُ مُنھِنجو روءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 8 ]

مَ ڪَرِ سَڌَ شَرابَ جِي، جَي تُون ٽارِين ٽُوھُ،
پِيتي جَنھِن پاسي ٿِئي، مَنجهان رڳُنِ رُوحُ،
ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوھُ، لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 25 ]
پِيتي جَنھِن پاسي ٿِئي، مَنجهان رڳُنِ رُوحُ،
ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوھُ، لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 25 ]
English Meaning
Soul, spirit, essence, quint, essence, life