رُوحَ جي سنڌي معنيٰ
آتما، جانُ، امر اِلاهي. دِل، قلب، هِردو، هِنيون، هيانءُ، سَت، عرق، ٿڌي ھوا، خُنڪي، ٿڌاڻ. خوشبو. فرحت، تازگي، آسائش. علم حڪمت جي اصطلاح ۾ ”لطيف ٻاڦ“ جا دل ۾ پيدا ٿي باعث حياتي بنجي، نِچوڙ، جوهر، خلاصه، تَت. خواهش، لاڙو، رغبت
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Soul, spirit, essence, quint, essence, life
رُوحَ جا بيتن ۾ حوالا
رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن،
لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ،
سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 6 ]
لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ،
سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 6 ]
ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو قَرِيبُ،
اِھا عادَتَ سِکِئو، ھَر زَمان حَبِيبُ،
تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 21 ]
اِھا عادَتَ سِکِئو، ھَر زَمان حَبِيبُ،
تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 21 ]
ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو ڪُھي،
سوئِي مُون مُھي، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 19 ]
سوئِي مُون مُھي، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 19 ]
ڪاتِبَ لِکين جِيئَن، لايو لامُ اَلِفَ سين،
اَسان سَڄَڻُ تِيئَن، اَچِي رَھِئو رُوحَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 18 ]
اَسان سَڄَڻُ تِيئَن، اَچِي رَھِئو رُوحَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 18 ]
ھيڪاندا ھُونِ پِرِين، سانگِ مَ وَڃَنِ سيڻَ،
رَھيا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جا نيڻَ،
جَنِ وِماسِئا ويڻَ، تاريءَ تَڳي تَنِ ھِينيُون.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 9 ]
رَھيا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جا نيڻَ،
جَنِ وِماسِئا ويڻَ، تاريءَ تَڳي تَنِ ھِينيُون.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 9 ]
اَڱَڻِ آيَمِ پيھِي، يااللهَ! مُون سارِيندي سُپِرِين،
مُشڪَ عَطُرُ مُون پِرِين، سِڪِيَس ڄَمُ سَڀوئِي،
ساھُ جَنِي جو سيڪِڙُو، رُوحَ تَنِي سين ريھِي.
[ سُر کنڀات، وايون، 8 ]
مُشڪَ عَطُرُ مُون پِرِين، سِڪِيَس ڄَمُ سَڀوئِي،
ساھُ جَنِي جو سيڪِڙُو، رُوحَ تَنِي سين ريھِي.
[ سُر کنڀات، وايون، 8 ]
سِسِيءَ ۾ سُرُ راڳُ، واءَ لَڳَندي وَڄِيو،
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
نَہ آدَمُ نَہ حَوا ھو، نَڪِي خَلَقِيو،
ڪاٿَي ھو تَڪِيو، تَڏِھِين تُنھِنجي رُوحَ جو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 21 ]
ڪاٿَي ھو تَڪِيو، تَڏِھِين تُنھِنجي رُوحَ جو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 21 ]
جيڪَرَ اَچي ھاڻِ، تَہ ڪَرِيان رُوحَ رُچَندِيُون،
آيَلِ ڍولي ساڻُ، ھُوندَ ڳَرِ لَڳِي ڳالِهيُون ڪَرِيان.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 14 ]
آيَلِ ڍولي ساڻُ، ھُوندَ ڳَرِ لَڳِي ڳالِهيُون ڪَرِيان.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 14 ]
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، پاڻان ھوءِ حِجابُ،
واڄَٽُ وَڄِي وُجُودَ ۾، رَھِيو رُوحَ رَبابُ،
ساھَڙَ ريءَ ثَوابُ، آئُون گهَڻو ئِي گهورِيان.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 23 ]
واڄَٽُ وَڄِي وُجُودَ ۾، رَھِيو رُوحَ رَبابُ،
ساھَڙَ ريءَ ثَوابُ، آئُون گهَڻو ئِي گهورِيان.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 23 ]
English Meaning
Soul, spirit, essence, quint, essence, life