ھُئَين جي سنڌي معنيٰ
آھين جو ماضي صيغو، موجود ھئين
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
You were
ھُئَين جا بيتن ۾ حوالا
ھُئَين تَہ ويڄَنِ وَٽِ، تُون ڪِيئَن جِيءَ جَڏو ٿِئَين،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، ڪوھُ نَہ ڪِيَئِي ڊَڀَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 18 ]

آئُون ڏورِيين شالَ مَ لَھين، پِرِين ھُئَين پَري،
ھَڏِ نَہ ساھَ سَري، تَنَ تَسَلِي نَہ ٿِيي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 6 ]
ھَڏِ نَہ ساھَ سَري، تَنَ تَسَلِي نَہ ٿِيي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 6 ]
جِيئَن اِينديئِي موٽِيين مَينڌَرا، وَڏِي جاڙَ ڪِئاءِ،
وِڙُ نَہ ھُئَين وَلَها، ھُوندَ جَٽي مُون جاڳاءِ،
سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا سِگهِيائِي ٿِيَئِي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 7 ]
وِڙُ نَہ ھُئَين وَلَها، ھُوندَ جَٽي مُون جاڳاءِ،
سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا سِگهِيائِي ٿِيَئِي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 7 ]
ھُئَين وَسِيلو وِچَ ۾، ڪانگا پارِيَئِي ڪانَہ،
اُتَئِي ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
توڙِ پھتين تان نَہ، اورِيائِين آڻِئو ڏيِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 25 ]
اُتَئِي ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
توڙِ پھتين تان نَہ، اورِيائِين آڻِئو ڏيِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 25 ]
مُوڙھو ڀُڻين مَڱڻا، ڪيڏانھَن ھُئَين ڪالَهہ،
لَنگها ڇَڏِ لَطِيفُ چئَي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ،
سَٻَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ تَہ قِيمَتَ ميڙِيين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 1 ]
لَنگها ڇَڏِ لَطِيفُ چئَي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ،
سَٻَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ تَہ قِيمَتَ ميڙِيين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 1 ]
سينڌو ھُئَين صَرافَ سين، تَہ ھُوندَ ٿِئَين ھِيئَن،
جيڪُسِ جَوھَرِيَنِ سين، ڪِينَ گُذارِيَئيِ ڏِينھَن،
جَبَلَ مَنجهان جِيئَن، سوجهي ڪَڍِيائُون سونَ کي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 21 ]
جيڪُسِ جَوھَرِيَنِ سين، ڪِينَ گُذارِيَئيِ ڏِينھَن،
جَبَلَ مَنجهان جِيئَن، سوجهي ڪَڍِيائُون سونَ کي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 21 ]
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويھُ دُکاڻُ،
پَئِج پيشِ پِرِيَنِ جي، پِٽي وِجِهي پاڻُ،
تَہ تُون تَنِي ساڻُ، سَدا ھُئَين سُرخُرُو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 23 ]
پَئِج پيشِ پِرِيَنِ جي، پِٽي وِجِهي پاڻُ،
تَہ تُون تَنِي ساڻُ، سَدا ھُئَين سُرخُرُو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 23 ]
وِڳَندُ وَرِي آئِيو، نِسورو نَرَڳُ،
گَندا گُلابِي ڪَري، سَيِّدَ جو سَرَڳُ،
عَطُرَ سين اورَڳُ، تَہ ھُئَين سَدائِين سُرخِرُو.
[ سُر بلاول، وڳند، 6 ]
گَندا گُلابِي ڪَري، سَيِّدَ جو سَرَڳُ،
عَطُرَ سين اورَڳُ، تَہ ھُئَين سَدائِين سُرخِرُو.
[ سُر بلاول، وڳند، 6 ]
English Meaning
You were