گهَرُ ٻارُ جي سنڌي معنيٰ
ڪُٽنب، عيال، اطفال، جاءِ، ٽڪاڻو، هنڌ. قبيلو، ڪل، نسل، آل و اولاد، خاندان، گهراڻو، گهر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Family, children, tribe, kith and kin, home.
گهَرُ ٻارُ جا بيتن ۾ حوالا
عِشقَ جي عَمِيقَ مان، چُڪو چَکِيائِين،
وِھَڻُ تَنھِن وِھُ ٿِئو، گهَرُ ٻارُ گهورِيائِين،
الاللهَ آسَڻُ ڪَري، سَرِيرُ سوجِهيائِين،
مَن عَرَفَ نَفسَهُ فَقَد عَرَفَ رَبَهُ ، ڏيلا ڏِٺائِين،
پِرِتان پِيتائِين، مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 20 ]

سِرُ سانڌاڻِ ڪَري، پُڇِجِ گهَرُ لُھارَ جو،
ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 20 ]
ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 20 ]
گهَرُ نَہ وَرُ نَہ وَٿُ ڪا، آھيمِ مَنِ ميھارُ،
اِنَ اوسِيڙي اُٿِيان، سَنجهي ڪَري سِينگارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، پَسان مان پَرِ ڪَنھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 25 ]
اِنَ اوسِيڙي اُٿِيان، سَنجهي ڪَري سِينگارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، پَسان مان پَرِ ڪَنھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 25 ]
سُکين ٿِيءُ مَ سَنِرِي، پَسِي ڏُکُ مَ ڏَرُ،
پَٽِي ڪَرِ مَ پانھِنجو، گهورِئو اَڏِ مَ گهَرُ،
ماري ھَڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻ جِيءُ جِيارِيين.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 26 ]
پَٽِي ڪَرِ مَ پانھِنجو، گهورِئو اَڏِ مَ گهَرُ،
ماري ھَڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻ جِيءُ جِيارِيين.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 26 ]
شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين،
آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ،
آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ جو جِنسارُ،
آھِين کاڄُ بُکِينَ جو، تانۡ تُون طَعامُ تَيارُ،
اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسان جو دِيدارُ،
حُسُنَ ھوتَ پُنهونءَ جي ڪَڪورِئو ڪوھِيارُ،
سُڃَ ڪِئائِين سُرَھِي، واسِئائِين وَڻِڪارُ،
ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، عَطُرُ ٿِئو آوارُ،
گهورِئان گهَرُ گهَٽِيءَ تان، اَچي جِئا آڌارُ،
ڪوڙيِين ٿِئا ڪيتِرا نالي تان نِثارُ،
سَدا صَلابَتَ جِي، گولِي گِرُفِتارُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِلئو مُون مَنٺارُ.
[ سُر حسيني، وايون، 2 ]

چارَڻَ ٻولِجِ ڪِي ٻِئو، گهُرِيُئِي سو گهورِيان،
گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان،
ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري تَہ اورِيان،
ڪِ ڪُلَهنِئُون ڪورِيان، ڪِي جاجِڪَ جُسي سين ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 23 ]
گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان،
ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري تَہ اورِيان،
ڪِ ڪُلَهنِئُون ڪورِيان، ڪِي جاجِڪَ جُسي سين ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 23 ]
مَينڌَرو مَھمانُ، مُون گهَرِ اَچِي جَي ٿِيي،
تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ،
آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،
پِئُڪَنِ سُوڌو پاڻُ، گهَرُ تَڙُ گهورِيان پِرِينءَ تان.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 28 ]
تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ،
آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،
پِئُڪَنِ سُوڌو پاڻُ، گهَرُ تَڙُ گهورِيان پِرِينءَ تان.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 28 ]
ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان لالُ،
گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ،
راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،
سوڍي کي سُوالُ، ڪَرِيان ٿِي قُرِبَ جو.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 7 ]