گهوڙا جي سنڌي معنيٰ
رڙيون، ڪوڪون، دانھون، ھڪلون،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cries, calls
گهوڙا جا بيتن ۾ حوالا
لَکين ڪِئا لِسانَ سين، لاھُوتِيَنِ لوڙا،
گهوڙا ڙي گهوڙا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 3 ]
گهوڙا ڙي گهوڙا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 3 ]
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، ٻُڌُءِ نَہ ٻوڙا،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئا، گَهٽَ اَندَرِ گهوڙا،
ڳاڙِيندين ڳوڙها، جَڏھِن شاھِدَ ٿِيندَءِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 10 ]
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئا، گَهٽَ اَندَرِ گهوڙا،
ڳاڙِيندين ڳوڙها، جَڏھِن شاھِدَ ٿِيندَءِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 10 ]
مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، رِڙِھِئا مَٿي رَندَ،
گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِئا مَٿي پَنڌَ،
جِتِ رَھَندا راتِڙِي، سي سُونھارا ھَنڌَ،
ڪُلَها ڪَرنگَهرَ ڪَنڌَ، جُهرَنِ جُهونجارَنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 7 ]
گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِئا مَٿي پَنڌَ،
جِتِ رَھَندا راتِڙِي، سي سُونھارا ھَنڌَ،
ڪُلَها ڪَرنگَهرَ ڪَنڌَ، جُهرَنِ جُهونجارَنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 7 ]
جاڳي جاڳي سَسُئِي، جان ھيجان ھَٿَ وِڌاءِ،
سيڄَ سُڃِي پِرِينءَ ريءَ، پُنهون پَٿَرِ ناھِ،
اُٿِيندي چَياءِ، گهوڙا گهَرِ نَہ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 11 ]
سيڄَ سُڃِي پِرِينءَ ريءَ، پُنهون پَٿَرِ ناھِ،
اُٿِيندي چَياءِ، گهوڙا گهَرِ نَہ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 11 ]
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جي، ڳَلِ سُڪا ڳوڙھا،
ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا،
گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 13 ]
ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا،
گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 13 ]
گهوڙا گهَڻِيءَ ڀُون، ووءِ ووءِ وَڃَنِ نِڱِئا،
مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا ڪَڏِھِين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 5 ]
مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا ڪَڏِھِين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 5 ]
پائي پَٽِ ڪَڻا، تان مُون مُورُ نَہ مَڱِئو،
تازِي تَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گَهڻا،
ھاٿِيءَ ڪارَڻِ ھيڪَڙي، آئُون ڪا تَندُ ھَڻان،
جا مَٿي تو مَڻا، تَنھِن آئُون سِرَ جو آيُسِ سيڪِڙُو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 4 ]
تازِي تَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گَهڻا،
ھاٿِيءَ ڪارَڻِ ھيڪَڙي، آئُون ڪا تَندُ ھَڻان،
جا مَٿي تو مَڻا، تَنھِن آئُون سِرَ جو آيُسِ سيڪِڙُو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 4 ]
اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، گَهِليُون ۽ گهوڙا،
لاھِينِ نَہ لوڙا، جي تو حاجَ ھيرِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 35 ]
لاھِينِ نَہ لوڙا، جي تو حاجَ ھيرِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 35 ]
لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪِنارَ،
ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ،
جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،
سامِي سَڀَ ڄَمارَ، ويھِي ماڳِ مَرِي وِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 19 ]
ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ،
جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،
سامِي سَڀَ ڄَمارَ، ويھِي ماڳِ مَرِي وِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 19 ]
جَڙَ گهوڙا ڀَڙَ گهوٽِيا، تَڙَ جُون تَڪُون ڪَنِ،
نَوَ ڄَڻِيُون ناتَرِيُون، پانوڙِيُون پُڇَنِ،
ھي گهَرَ سَندائِي ڪَنِ، ڇا نالو گامَ جو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 9 ]
نَوَ ڄَڻِيُون ناتَرِيُون، پانوڙِيُون پُڇَنِ،
ھي گهَرَ سَندائِي ڪَنِ، ڇا نالو گامَ جو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 9 ]
English Meaning
Cries, calls