ڪَنڊا جي سنڌي معنيٰ
ڪنڊي جو جمع، خارَ، سيلَهہ. سُوئا، ڀالا. مڇيءَ جا بلڪل سنهڙا هڏا ۽ پُٺيءَ جا ڪنڊا. هڪ قسم جو ڪنڊن وارا وڻ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Thorns, thorns of thorn tree Prosopis Spicigera, back bones, a pair of scales, fish bones, bones.
ڪَنڊا جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڊا مُون پيرَنِ ۾، توڙي لَکَ لَڳَنِ،
آڱُرِ آڱُوٺي نَہ مَڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِننِ،
ويندي ڏُونھِن پِرِيَنِ، جُتِيءَ ذاتِ نَہ پايان.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 11 ]
آڱُرِ آڱُوٺي نَہ مَڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِننِ،
ويندي ڏُونھِن پِرِيَنِ، جُتِيءَ ذاتِ نَہ پايان.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 11 ]
ڪَنڊا تو وَٽان، سَچُ ڪِ سيڻَنِ لَڏِئو،
مَڃَرُ تو مَٿان، ڇَڻِئو پوئي ڇُڳِيين.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 3 ]
مَڃَرُ تو مَٿان، ڇَڻِئو پوئي ڇُڳِيين.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 3 ]
تو جَي ھُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو،
مَٿي لامُنِ ٻُورُ، موري مَڃَرَ نَہ ڪَرِيين.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 5 ]
مَٿي لامُنِ ٻُورُ، موري مَڃَرَ نَہ ڪَرِيين.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 5 ]
سَرَتِنِ سَختَ سَنِيھَڙا، ڏيئِي مُڪا ڏُونھِن مَلِيرَ،
آھِينِ عُمَرَڪوٽَ ۾، کَنڊُ مِٺايُون کِيرَ،
چَسا کائِي چُورِما، ھِرِيئَن ساڻُ حَمِيرَ،
ڪَنڊا قُوتُ ڪَرِيڙَ، ڪِ تو وِئَڙا وِسَرِي.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 15 ]
آھِينِ عُمَرَڪوٽَ ۾، کَنڊُ مِٺايُون کِيرَ،
چَسا کائِي چُورِما، ھِرِيئَن ساڻُ حَمِيرَ،
ڪَنڊا قُوتُ ڪَرِيڙَ، ڪِ تو وِئَڙا وِسَرِي.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 15 ]
اُڏَءُ آڏِتُ اُڀِرِئو، وانءُ وِھاڻِيءَ ڀَؤُنرَ،
سي چيتاريجِ چِتَ ۾، جٖي ڪَنڊا ڌاري ڪَؤُنرَ،
مَتان مارِينَئِي ٽَؤُنرَ، تو لَنئُن لَڳو جَنِ سين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 33 ]
سي چيتاريجِ چِتَ ۾، جٖي ڪَنڊا ڌاري ڪَؤُنرَ،
مَتان مارِينَئِي ٽَؤُنرَ، تو لَنئُن لَڳو جَنِ سين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 33 ]
ڪَرِ ڪا ويھِي ڳالِهہ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جِي،
ھَئَي ھِھَڙي حالَ، ڏُکِئا ڏِينھَن گُذارِيين؟
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 2 ]
ھَئَي ھِھَڙي حالَ، ڏُکِئا ڏِينھَن گُذارِيين؟
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 2 ]
ڪَرِ ڪي ڳالِهڙِيُون، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جُون،
ڪَنھِن پَرِ راتِڙِيُون، ڪَنھِن پَرِ ڏِينھَن گُذارِيَئُون؟
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 1 ]
ڪَنھِن پَرِ راتِڙِيُون، ڪَنھِن پَرِ ڏِينھَن گُذارِيَئُون؟
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 1 ]
تو جَي ھُئَڙو وَڍُ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو،
ھُوندَ نَہ ڏيِين ڏُٿُ، موري مَڃَرَ نَہ ڪَرِيين.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 4 ]
ھُوندَ نَہ ڏيِين ڏُٿُ، موري مَڃَرَ نَہ ڪَرِيين.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 4 ]
ڪَنڊا تُون ڪيڏو، جَڏھِن ڀَرِيوئِي ڍورُ وَھي،
جَسودَنَ جيڏو، تو ڪو ڏِٺو پَھِيَڙو؟
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 6 ]
جَسودَنَ جيڏو، تو ڪو ڏِٺو پَھِيَڙو؟
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 6 ]
English Meaning
Thorns, thorns of thorn tree Prosopis Spicigera, back bones, a pair of scales, fish bones, bones.