ڪيتِريُون جي سنڌي معنيٰ
جهجهيون، ڳپل، گهڻيون ئي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Many many more, lots of.
ڪيتِريُون جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِيءَ اُڀِيُون ڪيتِريُون، ٿِيُون ساھَڙُ ساھَڙُ ڪَنِ،
ڪَنِي سانگو ساھَ جو، ڪي گهورِيَس ڪِئو گهِڙَنِ،
ساھَڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائي گهِڙَنِ جٖي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 9 ]

آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون،
جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا،
ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُرُ جَنھِن سُھاءِ،
ڪانِهي حَدَ حَمدَ جِي، تَہ ڪَرِيان لالَنَ لاءِ،
ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتِريُون، وَڏِيُون وَڏاياءِ،
سو مُونھان مُورِ نَہ سَپَجي، جيڪِي تو جُڳاَءِ،
تو سَڃِيُون تو سَندِيُون، سِڪَنِ تَوِھِين ساءِ،
اُڃَ تُنھِنجِيءَ اُڃِيُون، لُڇَنِ توئِي لاءِ،
دِلِ دانھُنِ ري نَہ رَھي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 18 ]

ڪيچان اوري ڪيتِريُون، مَعذُورِيُون مُيون،
واٽُون وِيھَ ٿِيُون، ڪوھُ ڄاڻان ڪيھِيءَ وِئا.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 5 ]

تانۡ جَي ھوتَ نَہ ڪَنِ، جو تُون پَسِي سَڱُ سَرَھِي ٿِي،
ڪوڙيِين ڪُٺِيُون ڪيتِريُون، ٻانِهيُون ٻاروچَنِ،
سَندِي ذاتِ جَتَنِ، آھي اَٻاجِهي گهَڻو.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 11 ]

ڍولا اولا نَہ سَھان، آڏا اَڏِيَئِي جي،
تو وَرَ وَھُون ڪيتِريُون، مُون وَرُ تُون وَري،
پِرتَئُون پيرَ ڀَري، مَلَهائيجِ مِسڪِينِ کي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 36 ]

ڍولِئا ڍيلِ مَ مُون، ڪانڌَ ڪَمِيڻِي آھِيان،
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڀيري وِڌَيَسِ ڀُون،
مُون وَرُ تُونھِين تُون، تو وَرَ وَھُون ڪيتِريُون.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 37 ]

سائِين سَمُجِهَيسِ ڪِينَڪِي، ڳَڻي گَتِ سَندِياءِ،
وَڏائِي واحِدَ ري، ٻي ڪَنھِن ڪِينَ جُڳاءِ،
توبَهَ ڪِئمِ زيوَرَ ذاتِ کان، لوھِيءَ ڇَلي لاءِ،
مُون کي مَتِ ڏِنِياءِ، ٻِيُون ڪَنبايُئِي ڪيتِريُون.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 28 ]

رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، اُڀي ڍَنگهَرَ جَهلَ،
ٻَڙِي ھِتان ٻَلَ، ڪيتِريُون ڪاھي وئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 18 ]

سَڀا سِياھِي آھي آرِيءَ ڄامَ ري،
ڪَڏِھِين پَسي ڪانَہ ڪا، ريءَ لالَڻَ لالائِي،
دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪَري، ساڄَنَ صَفائِي،
مَن لا شیخ لہ فشیخہ الشیطٰن ، اِنَ ريءَ اُونداھِي،
ھُوءَ جَا ھَلِي ھيڪَلِي، گِيرَبُ گَنوائِي،
بِلَا شَيۡخ مَنۡ يَّمۡشِيۡ فِي الطرِيۡقِ ڪَمَنۡ يَّشۡمِيۡ فِي الۡبَحۡرِ بِلَا سَفِيۡنَةٍ ، اِھَڙِي اَوائِي،
تَنھِن ريءَ تَوائِي، ڪوڙيِين ٿِيَنِ ڪيتِريُون.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 7 ]