ڪوڏِ جي سنڌي معنيٰ
شؤق ذؤق سان، چاھ سان، لاڏُ ۾، هيجَ سان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
With pleasure, desire for, wishing after.
ڪوڏِ جا بيتن ۾ حوالا
سَٿِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جِي، تُون ويسَلو ويرَ،
جوڙي جُنگَ جَھازَ کي، ڪوڏِ ھَڻائج ڪِيرَ،
وَھي وَڻِجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانھَن بَھِيرَ،
گهَرِ تَنِي جي کِيرَ، جَنِ لاڳَيدارَ لَنگهائِيا.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 10 ]
جوڙي جُنگَ جَھازَ کي، ڪوڏِ ھَڻائج ڪِيرَ،
وَھي وَڻِجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانھَن بَھِيرَ،
گهَرِ تَنِي جي کِيرَ، جَنِ لاڳَيدارَ لَنگهائِيا.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 10 ]
ھِي سَڄَڻَ اُھي ئِي، جٖي مُون ڪوڏِ نِھارِئا،
اِيندَمِ جانۡ پيھِي، سَڀَ لاھِيندا ڏُکَڙا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 13 ]
اِيندَمِ جانۡ پيھِي، سَڀَ لاھِيندا ڏُکَڙا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 13 ]
واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ،
ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ،
جُهڙَ وَرائي جهورِيءَ جَهلِئا، طَرف سَندي تَقدِيرَ،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،
جيڪا تقدِيرَ رَبَ جِي لِکئو لوڙِيائُون،
فَرزَندَ عَلِيءَ جا دادُلا، مُون ٿي ڪوڏِ نِپايا،
بِيبيءَ بَتُولَ جَنَتَ خاتُونَ، پَارَ ڪَڍِي ڳِرَ لايا،
فَرزَندَ عَلِي جا دادُلا، چَيو بِيبِيءَ بَتُولَتا،
خُونُ ڇِڪِيندِيَسِ اَوَھان جو، جانِي ڏِينھَن قِيامَتا،
پَسِي سَختِي مِيرَ حُسينَ جِي، رُنُو نَبِيَنِ زارو زارِ،
مَلَکَ فَلَکَ ڌَرَتِي ڌُٻِي، آئِي عَرشَ مَٿان اُڇِنگارَ.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 7 ]

اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ ساٿَ جي،
پيرَ پانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَهہ،
چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين، لَڪَنِ ڪِئَڙُسِ لالَ،
ڪيچان آيو قافِلو، مَيَنِ مَٿي مالَ،
اِيندِيَئِي بُوءِ بوتَنِ جِي، جَهلِجِ پَٻَ پِيالَ،
جِتي جَمازَنِ کي، جَبَلَ ٿِيَنِ جَنجالَ،
پُڇي پيادَنِ کي، آرِياڻِي اَحوالَ،
جي ڀانيَين جَتَنِ جي، ويجهِي ٿِيان وِصالَ،
پُرِي پَٻَ وَرَنِ ۾، وِجِهِجِ ڪا وَڙالَ.
[ سُر معذوري، وايون، 2 ]

سَڳَرَ مَجِهہ سُڻِينِ، اي يا اللہ،
سَڏَ مُنھِنجا سُپِرِين،
ڪا جَا اُرڪَ اوٺِيين، ڪَرَھَلَ ڪوڏِ ڪَشِينِ،
ڪامِلَ ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڳالهائِينِ ۽ ڳَنڍِينِ.
[ سُر ديسي، وايون، 9 ]
سَڏَ مُنھِنجا سُپِرِين،
ڪا جَا اُرڪَ اوٺِيين، ڪَرَھَلَ ڪوڏِ ڪَشِينِ،
ڪامِلَ ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڳالهائِينِ ۽ ڳَنڍِينِ.
[ سُر ديسي، وايون، 9 ]
اَڃا راتِ رَتومِ، ڪوڏِ ڪوھِيارِي ڪَنجِرو،
ڀينَرُ ڀِڄايومِ، سُڀاڻي سُورَنِ سين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 30 ]
ڀينَرُ ڀِڄايومِ، سُڀاڻي سُورَنِ سين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 30 ]
ھارِي ھِنيُون مَ لوڏِ، سُکين پُوندِينءَ سَسُئِي،
ڪوھِيارو تو ڪوڏِ، اَچي ڪَرَھَ قَطارِئو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 25 ]
ڪوھِيارو تو ڪوڏِ، اَچي ڪَرَھَ قَطارِئو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 25 ]
ڪِيئَن مَيارُون موڪِليين، مارُنِ ڏانھَن مُٺِي،
ڪَتِيُئِي نَہ ڪوڏِ پَئِي، پائُرَ مَنجِهہ پُٺِي،
تو تان وِڄُ اُٺِي، جَنھِن کائُرُ سَڀَ کانيو.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 23 ]
ڪَتِيُئِي نَہ ڪوڏِ پَئِي، پائُرَ مَنجِهہ پُٺِي،
تو تان وِڄُ اُٺِي، جَنھِن کائُرُ سَڀَ کانيو.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 23 ]
سَرَتِيُنِ سَھِجَ مَنجهان، ٿِي ڪوڏِ وَراھِيا ڪَپِڙا،
تَڏِھِين مُنھِنجِيءَ ماءَ، ٿي پَھَڻَ آڇِيا پَٻَ جا.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 31 ]
تَڏِھِين مُنھِنجِيءَ ماءَ، ٿي پَھَڻَ آڇِيا پَٻَ جا.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 31 ]
English Meaning
With pleasure, desire for, wishing after.