ڪوڏَ جي سنڌي معنيٰ
پاڻيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ ساھ وارو پٿر، جنھن کي ڳھ ڪري پايو بہ وڃي. وڏي ڪوڏي. خوشي، راحت، سرهائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A kind of shell used as ornaments to hang round necks.
ڪوڏَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪيچان آيو قافِلو، طَرَحَ موچاريءَ توڏَ،
سينگارِيائُون سَيِّدُ چئَي، ڪَرَھا مَنجهان ڪوڏَ،
لَکُ لَھي ٿِي لوڏَ، جِيجان تَنِ جَتَنِ جِي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 20 ]
سينگارِيائُون سَيِّدُ چئَي، ڪَرَھا مَنجهان ڪوڏَ،
لَکُ لَھي ٿِي لوڏَ، جِيجان تَنِ جَتَنِ جِي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 20 ]
وَرُ لَڪَنِ جِي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀَنڀورَ جا،
جي تُون اَمَڙِ آڇِيين، سي مُون ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪوڏَ،
ھِنيَين مُنھِنجي ھوڏَ، ٻَڌِي ٻاروچَنِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 14 ]
جي تُون اَمَڙِ آڇِيين، سي مُون ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪوڏَ،
ھِنيَين مُنھِنجي ھوڏَ، ٻَڌِي ٻاروچَنِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 14 ]
اَڏي اَڏي اوڏَ، ڇَڏي وَھِئا ڀيڻِيُون،
ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 27 ]
ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 27 ]
اَڏي وِئا اوڏَ، حُجِرو لاکي ڄامَ جو،
پَسُ ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 28 ]
پَسُ ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 28 ]
اِيءَ پَرِ نَہ گهاتُوئَڙَنِ جِي، اَئِين جا لُڏو لوڏَ،
ڪُنَ ڪَلاچِيءَ ڪوڏَ، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 15 ]
ڪُنَ ڪَلاچِيءَ ڪوڏَ، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 15 ]
مَحَلين ماندِي مارُئِي، ڏِٺِيَمِ مُنھِن مَلُورَ،
اَڻَڀو سَڻَڀو نَہ ڪَري، سُونھَن وِڃايَسِ سُورَ،
پِئَسِ لوھَ لَطِيفُ چئَي، لَٿَسِ ڪوڏَ ڪَپُورَ،
چِتَ جَنِ جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نَہ ڪَندِيُون.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 7 ]
اَڻَڀو سَڻَڀو نَہ ڪَري، سُونھَن وِڃايَسِ سُورَ،
پِئَسِ لوھَ لَطِيفُ چئَي، لَٿَسِ ڪوڏَ ڪَپُورَ،
چِتَ جَنِ جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نَہ ڪَندِيُون.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 7 ]
ڪارايَلَ جي ڪوڏَ، مُون نَنگَرَ سَڀَ نِھارِئا،
وَرِي واھيري نَہ آيا، لَلا لاکِيڻِيءَ لوڏَ،
ھِينئَڙي جَنِي ھوڏَ، سي ھَنجَڙا ھَلِي وِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 2 ]
وَرِي واھيري نَہ آيا، لَلا لاکِيڻِيءَ لوڏَ،
ھِينئَڙي جَنِي ھوڏَ، سي ھَنجَڙا ھَلِي وِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 2 ]
English Meaning
A kind of shell used as ornaments to hang round necks.