ڏِياچَ جي سنڌي معنيٰ
راءِ ڏياچ، ھڪ سخي راجا، ڏيندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a Roy once upon a time ago. Hero of Shah Abdul Latif. Giver.
ڏِياچَ جا بيتن ۾ حوالا
اللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَلِئو ھِئائِين،
چارَڻَ ٻَڌا چَنۡگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين،
ڏُئِلِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين،
وينَتِيُون واحِدَ کي، تَنھِن ويرَ ڪِئائِين،
سَٻاجها سائِين، راءُ ريجهائِين راڳَ سين.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 1 ]

پاسِنگُ جَنھِن پيشِ ڪِئو، تَنھِن ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ،
مَٿو نيئِي ماچَ، وَڃِي ڏُورِ ڏُکُ ٿِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 9 ]
مَٿو نيئِي ماچَ، وَڃِي ڏُورِ ڏُکُ ٿِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 9 ]
ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ، ٿو سائِلُ سِڪائي،
مُنھَن تي موٽائي، مَٿو ھَنيُسِ مَڱڻي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 10 ]
مُنھَن تي موٽائي، مَٿو ھَنيُسِ مَڱڻي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 10 ]
ڏِنو جَو ڏِياچَ، سو سورَٺِ سُرَھو نَہ ڪِئو،
ڪَنبِي وِئا ڪِيرَتِيا، ڪُوماڻا ڪُماچَ،
جَا وِندُرَ وائِي واچَ، موھِيو تَنھِن مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 11 ]

چارَڻَ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا،
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا،
تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ وَڏِيءَ داتا،
مَرَڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءَ ڏِياچَ جِي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 6 ]

ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي،
ھَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھِن پانَوَ پيراتِي،
ڏِسَندي ڏِياچَ کي، ظاھِرُ ٿِئو ذاتِي،
ڪَڍِي تَنھِن ڪاتِي، وِڌو ڪَرٽَ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 5 ]

مَحَلَ مَندَرَ ماڙِيُون، اَمُلَ جِتِ ٻَرَنِ،
رَڙِيون راءَ ڏِياچَ کي، ڪوڙيِين ڪُرنِشُون ڪَنِ،
تُون سَردارُ سَڀَنِ، اَسِين تابِيني تُنھِنجي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 14 ]

ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائِين ۾ ٺارَ،
ڪوڙيِين ڪِيرَتِيا آيا، حاڪِمَ حُڪمدارَ،
سَوين سُوالي آيا، بابُو، بيکَڻَدارَ،
سَڀَ ڏَگمَگِئا ڏاتارَ، سُڻِي ڏانُ ڏِياچَ جو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 17 ]

جَو تو ڏِيَڻُ ڏِياچَ ڀانيو، اِيءُ سِرُ سَڀَڪو ڏي،
ڪِي ناھِ جِھَڙو ني، جو سَنَدَ ٿِئي سُوالِيين.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 10 ]

سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين،
جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي،
مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ تَنھِن تُلُ تُنبَڙِي،
تارِئو جَنھِن توڏِيءَ کي، نَہ سو گَهنڊُ نَہ گَهنڊِڙِي،
ڏارِئو جَنھِن ڏِياچَ کي، تَندُئان تَنھِن تِکَڙِي،
نَہ سَري نَہ سِنڌُ ڪا، نَہ ڪا ھِندُ ھِھَڙِي،
ڪوڙيِين واڄَٽَ ڪيتِرا، لَکين لاءِ ھَڻَندَڙِي،
ساراھِيَلَ جَا سُبحانَ جِي، تَنھِن واکاڻَ ڪِھَڙِي،
سَھِسين سُرودَنِ کي، پاڻان پوءِ وِجَهندَڙِي،
وَنءُ اونائي اُنَ کي، ويھُ مَ، کَڻُ وِکَڙِي،
بيخُودِ بابُو سي ٿِئا، ٻُرَندِي جَنِ ٻُڌَڙِي،
ڪَڙِي ڪُلاٽَنِ کي، مَحَبتَ وارَنِ مِٺَڙِي،
مِٺايان مِٺِي گهَڻو، چُوندا جَنِ چَکَڙِي،
گهانڊارِ مِرُون موھِئا، ھِيءَ ماڻُهو موھِيندَڙِي،
آھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُئا جِيارَڻَ جِھَڙِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 1 ]