ڏَسِ جي سنڌي معنيٰ
ڏَسُ ڏي، پارَ ٻڌاءِ، اشارو ڪر، ٻُڌاءِ. رستو ڏيکار، دَڳِ لاءِ. ڏيکار، ڌيان ڇڪاءِ. پتو ڏي،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Guide, tell, teach, help.
ڏَسِ جا بيتن ۾ حوالا
نَھِين نَھِين مَيڏِڙي وَسِ وو بِنان دِلبَرَ دِلِ ماندِي،
مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ،
سِڪان ٿِي سِنگهارَ کي، بابِ نَہ مُنھِنجي بَس،
سُکَ نَہ پُڇي سُهڻِي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ،
دَرِدَ دَسِي آھِيان، دَرِدُ مُنھِنجو دَسِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 10 ]
مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ،
سِڪان ٿِي سِنگهارَ کي، بابِ نَہ مُنھِنجي بَس،
سُکَ نَہ پُڇي سُهڻِي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ،
دَرِدَ دَسِي آھِيان، دَرِدُ مُنھِنجو دَسِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 10 ]
ڪُھين تَہ آپُ ڪُھُ، ڏَسِ مَ چُوھَڙِيان،
سَندا آھيڙِيان، آئُون نَہ سَھَندِي ھَٿَڙا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 8 ]
سَندا آھيڙِيان، آئُون نَہ سَھَندِي ھَٿَڙا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 8 ]
ڪو مُنھُن ڪُٺَلِ آيو، ناھِ ويچارِي وَسِ،
ھوتَ تُنھِنجي ھَٿَ ري گولِي ٿِئي نَہ گَسِ،
ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ، مُوڙِھِيءَ ڪو مُنھُن ٿِيي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 9 ]
ھوتَ تُنھِنجي ھَٿَ ري گولِي ٿِئي نَہ گَسِ،
ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ، مُوڙِھِيءَ ڪو مُنھُن ٿِيي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 9 ]
بِلڪُلِ ڪَري نَہ بَسِ، ھِنيُون مُنھِنجو ھوتَ ري،
پِرِين جَنھِن پارِ وِئو، ڏُونگَرَ مُون کي ڏَسِ،
ٿِئو ٻاروچي وَسِ، جِيئَڻُ مُنھِنجو جيڏِيُون.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 10 ]
پِرِين جَنھِن پارِ وِئو، ڏُونگَرَ مُون کي ڏَسِ،
ٿِئو ٻاروچي وَسِ، جِيئَڻُ مُنھِنجو جيڏِيُون.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 10 ]
ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ مُون نَہ وَسِ،
اللهَ آرِيچَنِ جِي، گولِي ميڙِيين گَسِ،
پِرِين پَنوَھارَ پُڇان تو، ڏُونگِريا مُون ڏَسِ،
اَکِيُنِ جي آرَسِ، مُنڌَ جيھِيائِي جوڙَ ڪِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 4 ]
اللهَ آرِيچَنِ جِي، گولِي ميڙِيين گَسِ،
پِرِين پَنوَھارَ پُڇان تو، ڏُونگِريا مُون ڏَسِ،
اَکِيُنِ جي آرَسِ، مُنڌَ جيھِيائِي جوڙَ ڪِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 4 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، ٿِيءُ گُروءَ جي گَسِ،
ڏُکُ پاڻَ کي ڏَسِ، ھِنگلاجَ جي ھَلَڻَ جو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 11 ]
ڏُکُ پاڻَ کي ڏَسِ، ھِنگلاجَ جي ھَلَڻَ جو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 11 ]
دوزَخُ دِلِ قَبُولِئو، مُون بِهِشتَنِئا بَسِ،
جٖي پُٺِيرا پيرَنِ کي، ڏاتَرَ مُون کي ڏَسِ،
جٖي ھُئا پَنھِنجي وَسِ، تَہ کِئانِ حَرامُ ھَٿَنِ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 30 ]
جٖي پُٺِيرا پيرَنِ کي، ڏاتَرَ مُون کي ڏَسِ،
جٖي ھُئا پَنھِنجي وَسِ، تَہ کِئانِ حَرامُ ھَٿَنِ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 30 ]
English Meaning
Guide, tell, teach, help.