ڏِسَڻُ جي سنڌي معنيٰ
نھارِڻ، نظر ڪرڻ، پَسَڻ، جاچڻ، تَپاسِڻ، ويکڻ، وائِسَڻ، تَڪِڻ، ڀاسِڻ، واچِڻ، جُوچڻ. ديدار ڪرڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Seeing, looking.
ڏِسَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
پَسُ پَسَڻان پَري ٿِئا، اوري آرُ سَندونِ،
ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلونِ، دَرياھَ ريءَ ساھَڙَ کي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 14 ]
ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلونِ، دَرياھَ ريءَ ساھَڙَ کي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 14 ]
پَسُ پَسَڻان پَري ٿِئا، اوري سَندُنِ آرُ،
دَرياھَ ري سَھاڙُ، ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 15 ]
دَرياھَ ري سَھاڙُ، ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 15 ]
ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳِرو، سَسُئِي آڻ مَ شَڪُ،
ٿِي ٻانِهي ڀَرِ اويُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ،
وَرُ پُنهونءَ سين پَلَڪُ، ٻَنِ ٻارَھن وَرِھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 9 ]
ٿِي ٻانِهي ڀَرِ اويُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ،
وَرُ پُنهونءَ سين پَلَڪُ، ٻَنِ ٻارَھن وَرِھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 9 ]
ھَر دَمُ ھوتَ پُنهونءَ جو، ڏِسَڻُ ڀانِئجِ ڏِکَ،
وَرُ ٻاروچاڻِي لِکَ، کُوءِ ٻارَھن ماھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 10 ]
وَرُ ٻاروچاڻِي لِکَ، کُوءِ ٻارَھن ماھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 10 ]
ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلا، ويراڳِيَنِ وَرَنَ،
ٻولَڻُ ٻوڙَنِ سين پِئو، سَندا فانِيَنِ فَنَ،
ڪي گهُرِجَنَ ڪَنَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 36 ]
ٻولَڻُ ٻوڙَنِ سين پِئو، سَندا فانِيَنِ فَنَ،
ڪي گهُرِجَنَ ڪَنَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 36 ]
ڏِسَڻُ ڏِسين جَي، تَہ ھَمَه کي حَقُ چَئِين،
شارِڪَ شَڪُ مَ ني، اَنڌا اِنَهِينءَ ڳالِهہ ۾.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 16 ]
شارِڪَ شَڪُ مَ ني، اَنڌا اِنَهِينءَ ڳالِهہ ۾.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 16 ]
پانڌِي سو مِڙئومِ، ھادِيءَ ھَٿُ ڏِنومِ، سائِين،
سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان،
اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين ڪاڄُ ٿِئومِ،
قائِمُ جو قُلُوبَ ۾ پَسَڻُ سو پِئومِ،
جَنھِين گهورِي آھِيان، سو لائِقُ پِرِين لَڌومِ،
جَنھِين جِھَڙو ناھِ ڪو، ڏِسَڻُ سو ڏِٺومِ،
جَڏا جِياري ڪونَہ وِساري، صاحِبُ سو سَندومِ،
سَگها ۽ صِحتِئا، ڪَرِيمُ پِيرُ ڪَندومِ،
لَقا جو لَطِيفُ جو، شِفا سو ٿئومِ.
[ سُر آسا، وايون، 9 ]

جيڏِيُون جِيئَن ڪِئو، سوڍي مُنھِنجي ساھَ سين،
ھِنيَين سين ھاڃو ڪَري، وِڏُوڻِجِي وِئو،
سو ڏِسَڻُ ڏيھُ پِئو، راڻو جَنھِن راڄَ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 14 ]
ھِنيَين سين ھاڃو ڪَري، وِڏُوڻِجِي وِئو،
سو ڏِسَڻُ ڏيھُ پِئو، راڻو جَنھِن راڄَ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 14 ]
English Meaning
Seeing, looking.