ڏِسِي جي سنڌي معنيٰ
پرکي، اک مان ڪڍي، پسي، نظر ۾ رکي، ديد ڪري
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Seen, watched, look
ڏِسِي جا بيتن ۾ حوالا
ڏِسِي ڏِسِي آيُون، توءِ تَلاشُون ڪَنِ،
ڍايُون نَہ ڍاپَنِ، ڪا جَا اُڃَ اَکِيُنِ کي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 18 ]
ڍايُون نَہ ڍاپَنِ، ڪا جَا اُڃَ اَکِيُنِ کي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 18 ]
پِتو ڦِتو پيٽَ ۾، مُلي سَندِيءَ ماءُ،
ڏِسِي جَنھِن اللهُ، ٽُٻِي ڏِنِي ڌُوڙِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 35 ]
ڏِسِي جَنھِن اللهُ، ٽُٻِي ڏِنِي ڌُوڙِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 35 ]
ڪافُون ڪاھِيندِياسِ، موٽان تَہ ڪُرَ ميھَڻو،
ٻانِهي ٻاروچَنِ سين، سَڱُ نَہ ساھِيندِياسِ،
اَلفِراقُ اَشَدُّ مِنَ المَوتِ ، ھِتي نَہ ھُوندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، جِيئَري جَتُ ڏِسِي مَران.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 9 ]
ٻانِهي ٻاروچَنِ سين، سَڱُ نَہ ساھِيندِياسِ،
اَلفِراقُ اَشَدُّ مِنَ المَوتِ ، ھِتي نَہ ھُوندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، جِيئَري جَتُ ڏِسِي مَران.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 9 ]
اَچَنِ جَي اوطاقَ، مُون سارِيندِيءَ سُپِرِين،
مُون جيھِي مُشتاقَ، ڏِسِي لاھي ڏُکَڙا.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 23 ]
مُون جيھِي مُشتاقَ، ڏِسِي لاھي ڏُکَڙا.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 23 ]
ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو، ڍَڪَ ڪِي ڍولِي،
ڏِسِي عَيبَ اَکِيُنِ سان، باجَهہ ڀَرِئو نَہ ٻولِي،
ڪَچِيُون ڪَمِيڻِيَنِ جُون، خاوَندُ نَہ کولِي،
راڻو نَہ رولِي، مَدِيُون پَسِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 23 ]
ڏِسِي عَيبَ اَکِيُنِ سان، باجَهہ ڀَرِئو نَہ ٻولِي،
ڪَچِيُون ڪَمِيڻِيَنِ جُون، خاوَندُ نَہ کولِي،
راڻو نَہ رولِي، مَدِيُون پَسِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 23 ]
ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرين، واٽَ وِڃائِي جَنِ،
اُوءِ بَصِيرَ بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِئو اُڀِيَنِ،
ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِيئَن گهُمَنِ،
فِراقِي فَرمانَ جو، آھي ٻَرُ ٻوڙَنِ،
لَنگهان ٿِئو لاھُوتَ کي، سُتا پِئا سِڪَنِ،
کَپَتِ کاھوڙِيَنِ، آھَ اُٿي پي نَہ لَھي.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 1 ]

ڪُپيرِئان پَري ٿِئا، اَٻُڌي ٻُڌائُون،
اُنِهين کي آئُون، ھيرَ ڏِسِي آيو.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 4 ]
اُنِهين کي آئُون، ھيرَ ڏِسِي آيو.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 4 ]
ڏِسِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو، ڍولِئا آئُون ڍائِي،
ڪانڌَ نَہ ڪوٺِيُئِي ڪَڏِھِين، ٻَرٻَر ٻاجهائِي،
پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، آئُون اَڱَڻِ تو آئِي،
وارِيين نَہ وائِي، دِلِاسي جِي داسَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 20 ]
ڪانڌَ نَہ ڪوٺِيُئِي ڪَڏِھِين، ٻَرٻَر ٻاجهائِي،
پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، آئُون اَڱَڻِ تو آئِي،
وارِيين نَہ وائِي، دِلِاسي جِي داسَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 20 ]
سَڳو ڏِسِي سُهِڻو، مَڱِي آندو مُون،
لَڳِي ڪَنِ ڪَونئُروءَ کي، تِپي ويٺين تُون،
اَڳُ ڍَڪِيندو ھُون، ڪانڌَ ڪَچايُون ڪيتِرِيُون.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 28 ]
لَڳِي ڪَنِ ڪَونئُروءَ کي، تِپي ويٺين تُون،
اَڳُ ڍَڪِيندو ھُون، ڪانڌَ ڪَچايُون ڪيتِرِيُون.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 28 ]
حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي لَڄاڻو،
ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِئو ڏِسَڻَ کي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 15 ]
ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِئو ڏِسَڻَ کي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 15 ]
English Meaning
Seen, watched, look