ڏَسَ جي سنڌي معنيٰ
نشان، پارَ، پتا، نشانيون، اشارا. خبرون، اطلاع. سُونھَپَ، سُڌِ سماءَ، سُھڃاڻَ، سُھڃاڻي، هدايتون، ڏَهنايون، سُرَ، مامُون، اُهِڃَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Signs, side, direction, news, information, hints, guidance.
ڏَسَ جا بيتن ۾ حوالا
ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگنِ گَسُ،
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسَ، پُوندُءِ ھوتَ پُنهونءَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 21 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگنِ گَسُ،
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسَ، پُوندُءِ ھوتَ پُنهونءَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 21 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڏيئِي ڏُوراڻا ڏَسَ،
وَڃِي ٿِئا وَڻِڪارَ ۾، ليڙا ڪاھي لَسَ،
اوڳِي تَنَ اوٺِيَنِ جا، پوءِ ٿِي پُڇي گَسَ،
وَڏا ڪئَمِ وَسَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 14 ]
وَڃِي ٿِئا وَڻِڪارَ ۾، ليڙا ڪاھي لَسَ،
اوڳِي تَنَ اوٺِيَنِ جا، پوءِ ٿِي پُڇي گَسَ،
وَڏا ڪئَمِ وَسَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 14 ]
ڪِئا ويچارِيءَ وَسَ، ڪارَڻِ ڪوھِيارِي گَهڻا،
گهَڻو پُڇيائِين ڏوٿِيين، سَندا ڏيرَنِ ڏَسَ،
لَمُو ڏوري لَسَ، سُتِي سَنگهَرَ پَٽِيين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 8 ]
گهَڻو پُڇيائِين ڏوٿِيين، سَندا ڏيرَنِ ڏَسَ،
لَمُو ڏوري لَسَ، سُتِي سَنگهَرَ پَٽِيين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 8 ]
ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ وَڌِي ڪِي وَسَ،
اَکِيُون پارِ پِرِيَنِ جي، گامَ نِھارِينِ گَسَ،
ڏِيندا پانڌِي ڏَسَ، کِيئَن جُون آڻي خَبَرُون.
[ سُر پورب، ڪانگ، 35 ]
اَکِيُون پارِ پِرِيَنِ جي، گامَ نِھارِينِ گَسَ،
ڏِيندا پانڌِي ڏَسَ، کِيئَن جُون آڻي خَبَرُون.
[ سُر پورب، ڪانگ، 35 ]
ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، سامِي سَڀَيئِي،
ھِڪِڙا ٻِئَنِ کي، ھَلِئا ڏَسَ ڏيئِي،
سِڱڙِيُون سيئِي، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 2 ]
ھِڪِڙا ٻِئَنِ کي، ھَلِئا ڏَسَ ڏيئِي،
سِڱڙِيُون سيئِي، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 2 ]
پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي واھُوندَنِ وَسَ،
عُمَرَ اُنِهينءَ ڏيھَ جا، ڏوٿِيَنِ ڏِنَمِ ڏَسَ،
وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، لُلِرُ نِڱِئو لَسَ،
آڻِئو وِجَهنِ آھُرين، سَندا ٽُوھَنِ ٽَسَ،
ميوا مَڃَرَ ماکِيُون، سَڀَڪا چَکَنِ چَسَ،
ماڙِنِ وِھي مَسَ، مَلِيرِ گُهرِجي مارُئِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 8 ]

هَي ڀُنگا، هَي ڀيڻِيُون، هَي گامويَنِ گَسَ،
مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾، وَڏِي هُئا وَسَ،
سي هَنڌَ پَسِئو سُومَرا، لُڙِڪَ وَهَيان لَسَ،
ڏوٿِي مَٿي ڏَسَ، اُٺي وِئا اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا، 7 ]