ڇَڏِئا جي سنڌي معنيٰ
ڇڏيا، ترڪ ڪيا، ڦٽو ڪيا. تياڳيا. رِها ڪيا. (ڇوٽڪارو ڏيڻ. معاف ڪرڻ. ڏيڻ (استعفا. طَلاق). مُلڪ ڇڏڻ. ڇُوٽ ڏيڻ. شڪار پٺيان ڇڏڻ (شڪاري ڪتي کي). درگذر ڪرڻ ، نظرانداز ڪرڻ.)
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
To abandon, forsake, leave, quit, give up, let go, loose, free, liberate, release, to relinquish, resign, desist from, discontinue, to except, omit, pass over.
ڇَڏِئا جا بيتن ۾ حوالا
ديڳِيين دوڳَ ڪَڙَھنِ، ڪَڙِيءَ ڪَڙَڪو نَہ لَھي،
تِتي طَبِيبَنِ چاڪَ چِڪَندا ڇَڏِئا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 28 ]
تِتي طَبِيبَنِ چاڪَ چِڪَندا ڇَڏِئا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 28 ]
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ ڌُئَن،
ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ،
ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان جي دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 14 ]

جيڪِي ڏِٺو مانۡ، سو جَي ڏِٺو جيڏِئين،
گهَرِ وَرَنِ سان، ھُوندَ گهَڻِنِ گهوري ڇَڏِئا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 7 ]

سَڀَيئِي سِينگارَ، مُنڌَ مَرَندي ڇَڏِئا،
ڳَچِيءَ وارِئو ٻانھَڙي، وَھي ساڻُ وَڇارَ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، سِگهو رَسُ سَھاڙَ،
عِشقَ جي آڌارَ، پارُ سُونھايُمِ پِرِينءَ جو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 19 ]

وَسي تَڏِھِين وَسَ، مُندَ مِڙيائِي مِينھَن جِي،
کيٽا کَٽَرُنِ ڇَڏِئا، جٖي ٿي مِڙِيُون مَسَ،
گابا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندا ڏُٻِرا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 17 ]

ڪاري ڪَڪَرَ ھيٺِ، مُون جهيڙيندا ڇَڏِئا،
ڪارا ڪُندَ ھَٿَنِ ۾، اَڙِ وَلَ وَڇيرا ھيٺِ،
ٿِيَمِ تَنِي سين ڏيٺِ موٽَڻُ جَنِي مِيهَڻوُن.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 11 ]

ڪَلَپَتِي آيا ڙِي ماءَ، آئُون ھَلَندِي اُنِ سين،
حِرصَ ھَوا جِيءَ جَنِ جا، سُکين تان نَہ سَڌايا،
تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِئا، جٖي ايھِيءَ وِرُونھَن وَڌايا،
توشَڪُون ۽ تَڪِيا، وِھاڻا جَنِ وِرايا،
ھَلو تَہ پَسُون اُنِ کي، جَنِ لُنگَ لاھُوتِيَنِ لايا،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اَڱَڻِ مُون آئِيا.
[ سُر رامڪلي، وايون، 3 ]

سامِي ڪَنڌُ ڪَپاءِ، ڪَنَ ڪَپائِڻُ خيرُ کِين،
يَهْدِي اللهُ لِنُورِہِ مَن يَشَاءُ ، اِيءَ اِنهين لَئي آھِ،
صُحبَتَ تُنھِنجِي سَيِّدُ چئَي، سامِيَنِ وَٽِ سَماءِ،
ھِيءَ تَنِي جِي جاءِ، جَنِ ٻَئِي جَڳَ ڇَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 26 ]

جَو تو ڏِيو ڀانيو، سو سُورَجَ سُھائِي،
راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، تَہ پُڻ اَنڌَنِ اُونداھِي،
جَنِ ڏِٺو ڏِھائِي، تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 7 ]

رُوحَ ۾ رَھِيُنِ رامُ، ٻَھَرِ ٻولِينِ ڪِي ٻِئو،
پِيالا پُرِ ڪَري، جوپَ پِيتائُون جامُ،
تِھان پوءِ تَمامُ، تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 2 ]