ڀَڄُ جي سنڌي معنيٰ
پري ٿي، نہ ڪر، جان ڇڏاءِ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Go away, get rid off
ڀَڄُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ،
نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، لائِيين جَي لُعابَ،
پَلِيتو ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجِهہ جُنابَ،
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏَي، ريڙِيين ساڻُ رِڪابَ،
چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، آئُون ڇَڙِ عُقابَ،
دِيدُ وِڃايُمِ دوسِتَ جو، ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
سو نَہ ڪَنھِن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
جٖي جَهرَڪِئا جَرَ تي، اِيءَ تانْ سَڀَ حُبابَ،
فَنا وِجَهندَءِ فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ڏي طَھُورا تَنِ کي، جٖي سِڪَنِ لَئي شَرابَ،
مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، ياوَھ سَڀَ جَوابَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 1 ]

اَگَهنِ مِڙِي اَڄُ، ڪِئو سَڏُ صِحَتَ کي،
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِھرِيءَ مُنھُن ڏيکارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 8 ]

اُٺو اوھِيرا ڪَري، مَٿي عاشِقَ اَڄُ،
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِينھَنِ مُنھُن ڏيکارِئو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 19 ]

جَنِي جهيڙئو اَڄُ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ڀاءَ تنِي کان ڀَڄُ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 3 ]

مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، اَجَلان اَڳي اَڄُ،
ھُئِين جان ڪِي تان جِيئَري، مُنڌَ ڀَنڀوران ڀَڄُ،
پُنُوھَ سين پَھَڄُ، تَہ مَلَڪُ الَموتُ مارِيين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 5 ]

سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين، آءُ چَيائُون اَڄُ،
ٻولِي ٻِي نَہ سِکِئا، ”پاڻان“ چُوندَءِ ڀَڄُ،
واڄي وَٽُ مَ وَڄُ، ٻُڌُ تَہ ٻِيائِي لَھي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 2 ]

جيڪي جوڳِي ٿِيءُ، نَہ تَہ وانءُ نِرجا نِڪِري،
ڪوھُ ٿو ڪَنَ ڪَپائِيين، جَا نَہ سَھَندين سِيءُ،
ڀَڄُ پَرانھُون ٿِيءُ، مَتان ٻِئا لَڄائِيين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 12 ]

ڪَرَھَلَ پائي لَڄُ، ڪوھُ نَہ ويئِيئَن اُنِ سين،
اُجارِيائُون اولِيُون، ڌُئاريائُون ڌَڄُ،
مَتان وِھين ويسَلِي اُٿِي ڀُورَلِ ڀَڄُ،
سيڻَنِ ساجُهرِ لَڏِئو، تُون آئِي نِهارِئين اَڄُ،
ڪالَهہ سِبايُئِي ڪَنجِرو، اَنگين پاتُئِي اَڄُ،
پِريان جِي ھُنَ پارَ ڏي، وَڃِي دَونڪِي ڌڄُ،
ڪيرُ سُڻَندو تُنھِنجُون، اَدورانھُون اَڄُ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 3 ]